Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

ان کي جهنم پهچائي ڇڏين ها، عين موقعي تي بيباڪي ڪندي ان حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي (معاذالله!) ٿڪ هنئي. هاڻي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ان تي وڌيڪ غصو ڪن ها، ان کي پهريان کان وڌيڪ تڪليف پهچائن ها پر هُو مولاءِ ڪائنات رَضِىَ اللهُ عَنْه هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  ان غير مسلم کي ڇڏي ڏنو. اهو غير مسلم وڏو حيران ٿيو ته هي ڇا ماجرو آهي؟ منهنجي حرڪت سان ته انهن کي غصو اچڻ گهرجي ها پر انهن مون کي معاف ڪري ڇڏيو. جڏهن انهن حضرت علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه  سان هن جي حڪمت پڇي ته پاڻ فرمايائون: مون تلوار رڳو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پڪڙي آهي، مان خدا جي حڪم جو ٻانهو آهيان، مان پنهنجي ذات جو بدلو ناهيان وٺندو.

30 سالن جون نمازون ٻيهر دهرايون

 هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 30 سالن تائين مسجد جي پهرين صف ۾ (باجماعت ) نماز ادا فرمائيندا رهيو، هڪ ڀيري ان کي پهرين صف ۾ جڳهه نه ملي ۽ ٻي صف ۾ بيهي رهيو ته شرم سار ٿيڻ لڳو ته ماڻهو ڇا چوندا ته ڏسو! اڄ هن ماڻهوءَ جي پهرين صف رهجي وئي آهي. اهو خيال ايندي ئي هُو سنڀلجي ويو ۽ پنهنجي نفس کي چيو:” اي نفس! مان 30 سالن تائين جيڪي نمازون پهرين صف ۾ ادا ڪندو رهيس ڇا اهي ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ هيون جو اڄ توکي شرم اچي رهيو آهي!“پوءِ انهن اڳوڻيون 30 سالن جون نمازون دهرايون (يعني ٻيهر ادا ڪيون )

سُبۡحٰنَ الله! ڇا شان آهي الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو. شرعي مسئلو اهو ئي آهي ته جيڪڏهن نماز ۾ اهڙو خيال اچي وڃي ته نماز دهرائڻ ضروري ناهي پر الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي تقويٰ نرالي ئي هئي. بهرحال! اسان کي به گهرجي ته