Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

اهو ڪم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. بعض اوقات سالن کان بعد خبر پوندي آهي ته هي ڪم ته ناجائز هيو پوءِ ان تي ايتري رقم لڳائي، ان جو ڇا ٿيندو، بعض اوقات ازالي جون صورتون بڻجن ٿيون، بعض اوقات جن کان رقم ورتي آهي، انهن کي واپس ڏيڻي هوندي آهي، مطلب ته، ڪيئي صورتون آهن، جن تي عمل ڪرڻ، ازالو ڪرڻ بعد ۾ مشڪل ٿي ويندو آهي، لهٰذا ڪوبه ڪاروبار شروع ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ان جي متعلق 100 فيصد يقين سان شرعي معلومات نه آهي ته پهريان معلومات وٺو. انهيءَ طرح ڪيئي رسمون اسان وٽ رائج هونديون آهن، انهن مان ڪجھ رسمون جائز هونديون آهن ۽ ڪيئي ناجائز به هونديون آهن، ان معاملي ۾ شرعي رهنمائي وٺندا رهو، مطلب ته ڪوبه ڪم ڪرڻو هجي، پنهنجي عادت بڻايو ته شرعي رهنمائي جي بغير ڪم ناهي ڪرڻو. ان جي لاءِ جيڪڏهن اسان دارالافتاء اهل سنت يا ڪنهن به عاشق رسول ماهر مفتي صاحب جو نمبر  پاڻ وٽ محفوظ ڪري وٺو ته  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  آساني ٿي ويندي.

 (2): اخلاص

نيڪ ماڻهن جي هڪ مبارڪ عادت اها هئي ته اهي بلند رتبي وارا ماڻهو هر ڪم ۾ الله پاڪ جي رضا کي سامهون رکندا هئا، رياڪاري کان گهڻو بچندا هئا ۽ هر نيڪ ڪم اخلاص سان ئي ڪندا هئا. انهن کي هن ڳالهه جي پرواهه نه هوندي هئي ته ماڻهو کين سٺو سمجهندا يا برو، انهن جو مقصد رڳو الله پاڪ جي رضا کي حاصل ڪرڻ هوندو هو.

غيرمسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي  ويو

مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جو واقعو ڏاڍو مشهور آهي، هڪ ڀيري پاڻ  جنگ ۾ هئا، ڪنهن غير مسلم کان لڙائي هلي رهي هئي، حيدرِ ڪرّار رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کي قابو ڪري ورتو، ويجهو هو جو پاڻ