Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ۽ اولياءِ ڪرام جي پيارين پيارين ادائن کي نوٽ ڪيو! پوءِ انهن کي عملي طور تي اپنائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
مڪتبة المدينه جي 80 صفحن تي مشتمل هڪ نهايت پياري ڪتاب آهي: اخلاقُ الصّالحين. هن ۾ اولياءِڪرام جي ڪجھ مبارڪ عادتن جو تذڪرو آهي. ڪوشش ڪري هي ڪتاب مڪمل پڙهي وٺو! اولياءِ ڪرام جون ڪجهه مبارڪ عادتون مان پيش ڪيان ٿو:
(1) قرآن و سنت جي ڪامل پيروي
اولياءِ ڪرام جي هڪ عادت اها آهي ته هي وڏي مرتبي واريون هستيون هر معاملي ۾ قرآن ۽ سنت جي پيروي ڪندا آهن بلڪه علامه شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ته هي به لکيو آهي ته اولياءِ ڪرام کي ڪوبه ڪم ڪرڻو هوندو آهي ته جيستائين خاص ان ڪم جي متعلق قرآن ۽ حديث مان رهنمائي حاصل نه ڪن، ان وقت تائين اهو ڪم ڪندا ئي ناهن.
سُبْحٰنَ اللہ! هي ڪهڙي پياري عادت آهي ۽ اسان هي عادت آساني سان اپنائي سگهون ٿا، رڳو ذهن بڻائڻو آهي ته جڏهن به ڪو اهڙو ڪم ڪرڻو آهي، جنهن جو شرعي حڪم اسان کي معلوم ناهي، اهو ڪم ڪرڻ شرعي طور جائز آهي يا نه، اسان کي هن جو جيڪڏهن علم ناهي ته شرعي رهنمائي وٺون! پوءِ اهو ڪم ڪيون! جيڪڏهن اسان هي عادت اپنايون ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ڪيئي گناهن کان به بچي وينداسين ۽ ڪيئي نقصانن کان به محفوظ رهنداسين. بعض اوقات انسان اوچتو ڪو ڪاروباري منصوبو ٺاهيندو آهي ۽ ماڻهو شرعي رهنمائي جي بغير ئي