Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

پاڪ جي نيڪ ٻانهي کي پنهنجو آئيڊيل لازمي بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ھن جون وڏيون برڪتون ملنديون. ڏسو! اميراهل سنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه هن دور جي ڪامياب ترين شخصيت آهن.  يقيناً هي سندن تي الله پاڪ جي ڪرم نوازي آهي،  البته ظاهري اعتبار سان سندن ڪاميابي جي پٺيان جيڪي راز آهن، انهن مان هڪ راز هي به آهي ته پاڻ دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه وقت جي تمام وڏي ولي، نائب غوثِ اعظم، عالمِ باعمل، مجددِ دين و ملت، پروانه شمعِ رسالت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پنهنجو آئيڊيل بڻايو، پاڻ ڏسي وائسي، سوچي سمجهي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پنهنجو آئيڊيل منتخب ڪيو ۽ انهن تي اکيون بند ڪيون.

اسان کي به گهرجي ته اسان ڪنهن ڪامل ولي کي پنهنجو آئيڊيل بڻايون، سوچي سمجهي ڪري بڻايون، پوءِ جڏهن آئيڊيل بڻايون ته انهن جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪيون، جنهن ڪامل ولي کي آئيڊيل بڻايون، انهن جي سيرت پڙهون، انهن جي ادائن، انهن جي عادتن ۽ طور طريقن جي معلومات حاصل ڪيون ۽ پنهنجي سڄي زندگي انهن جي نقش سيرت تي هلندي رهڻ جي ڪوشش ڪيون. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! نيڪ اعمال جي توفيق به ملندي، زندگي سنورجي به ويندي، گناهن کان حفاظت به رهندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته دنيا ۽ آخرت ۾ ٻيڙو پار ٿي ويندو.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مڪتبة المدينه صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ، اولياءِ ڪرام، باعمل ۽ عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جي سيرت تي ڪيئي ڪتاب ۽ مختصر رسالا لکيا آهن، جيئن: فيضان صديق اڪبر، فيضان فاروقِ اعظم، الله وارن جون ڳالهيون، غوثِ پاڪ جا حالات، حضرت عمر بن عبدالعزيز جون 425 حڪايتون وغيره ڪيئي ڪتاب آهن، هي ڪتاب حاصل ڪيو! انهن کي پڙهو! صحابه