Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

خير! هاڻي بادشاھ سلامت اشرفين جي ٿيلهي ڪڍي، ان ٻهروپيي کي ڏيندي چيائين: هن دفعي واقعي تون کٽي وئين، هي وٺ پنهنجو انعام...!! پر هاڻي حالت بدلجي چڪي هئي، ان ٻهروپيي ادب سان عرض ڪيو: بادشاھ سلامت! هاڻي مون کي هنن سڪن جي ضرورت ناهي، مان ڪو نيڪ ماڻهو ناهيان، مون بس ڪجھ ڏينهن نيڪ ماڻهن جي مشابهت اختيار ڪئي آهي، نيڪ ماڻهن سان ڪجھ ڏينهن جي مشابهت جي اها برڪت آهي جو اڄ الله پاڪ وقت جي بادشاھ کي منهنجي قدمن تي جهڪائي ڇڏيو، جيڪڏهن مان واقعي نيڪ ماڻهن جي رستي تي هليس ته الله پاڪ جون ڪيتريون ڪرم نوازيون ٿينديون. هن سابقه ٻهروپيي ايترو چيو ۽ الله پاڪ جي عبادت جي لاءِ جهنگل جي طرف نڪري هليو ويو.[1]

  اي عاشقانِ رسول! ڏسو! نيڪ ماڻهن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي انهن جي سيرت تي هلڻ جون ڪيتريون برڪتون آهن، اُن ٻهروپيي بناوٽي نيڪ ماڻهن جو رستو اختيار ڪيو ته الله پاڪ ان کي حقيقت ۾ پنهنجي مقرب ٻانهن جو رستو عطا فرمائي ڇڏيو. اسان کي به گهرجي ته اسان نيڪ ماڻهن جي نقشِ سيرت مان روشني حاصل ڪيون. پنهنجي اسلاف، صحابه ڪرام، اولياءِ ڪرام، الله پاڪ جي نيڪ، برگزيده ٻانهن جي سيرت پڙهو، انهن جا اوصاف، انهن جي مبارڪ عادتن جي معلومات حاصل ڪيون، پوءِ انهن جهڙو بڻجڻ جي خاطر انهن جي عادتن ۽ طور طريقن کي عملي طور اپنائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃون.

پنهنجو  آئيڊيل بڻايو!

پيارا اسلامي ڀائرو! مشوري طور هڪ ڳالھ عرض آهي ته ڪنهن نه ڪنهن الله


 

 



[1] زلف و زنجیر ،صفحہ:349 -356 باختلاف بعض الالفاظ۔