Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

جي مٿي تي دوائن جا ڪاٽن هئا، طبيب صاحب بادشاھ جي خدمت ۾ سلام عرض ڪيو، ادب سان هٿ چمڻ لڳو ته بادشاھ سلامت مسڪرائڻ لڳا ۽ فرمايو: مان تو کي سڃاڻي ورتو آهي، تون طبيب ناهين، بلڪ اهو ئي ٻهروپيو آهين. ايترو ٻڌڻو هيو ته ٻهروپيو شرمسار ٿي ويو ۽ ٻيهر ڪوشش ڪرڻ جو چئي هليو ويو.

ڪجھ ڏينهن گذريا عيدالفطر جو ڏينهن آيو، عيد جي نماز کان بعد ٻيهر درٻار لڳايو ويو، بادشاھ سلامت تخت تي تشريف فرما ٿيا، اردگرد جي ملڪن جا تحفا بادشاھ سلامت جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا، انهيءَ دوران هڪ شخص اڳتي وڌيو، عرض ڪيو: عاليجاھ! مان فلاڻي ملڪ جو ايلچي آهيان، اسان جي بادشاھ سلامت اوهان جي لاءِ هڪ انمول هيرو تحفي ۾ موڪليو آهي، هي چئي ڪري ان تحفي وارو ڊٻو کولي بادشاھ سلامت جي سامهون رکي ڇڏيو. باشاھ اورنگ زيب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وري مسڪرائي فرمايو: هن دفعي به مون توکي سڃاڻي ورتو آهي، تون اهو ئي ٻهروپيو آهين. ويچارو ٻهروپيو وري شرمندگي سان سان ڪنڌ جهڪائي هليو ويو، ان دل ئي دل ۾ پڪو اِرادو ڪيو ته هن دفعي مان اهڙو روپ اختيار ڪندس جو بادشاھ سلامت هرگز مون کي سڃاڻي نه سگهندو.

هن واقعي کي ڪافي ڏينهن گذري ويا، پوءِ هڪ ڏينهن بادشاھ سلامت لشڪر ساڻ ڪري جنگ جي لاءِ روانو ٿيو، بادشاھ اورنگ زيب پاڻ به الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا ۽ کين اولياءِ ڪرام سان عقيدت به تمام گهڻي هئي، بادشاھ سلامت لشڪر سان گڏ سفر تي هيا، رستي ۾ جتي جتي ڪنهن ولي ڪامل جي مزار ايندي هئي، بادشاھ سلامت لشڪر کي روڪيندا هيا، مزار شريف تي باادب حاضري ڏيندا، فاتحه پڙهندا ۽ اولياءِ ڪرام جو فيضان حاصل ڪندي اڳتي هلندا