Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
ڪيو! بيشڪ نيڪ ماڻهن جي مشابهت اختيار ڪرڻ به فلاح و ڪاميابي آهي.
شهنشاھ اورنگ زيب عالمگير الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، مغليه سلطنت جا عظيم بادشاھ هيا، سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سندن جي باري ۾ فرمايو آهي ته پاڻ پنهنجي وقت جا مجدد به هيا. هڪ ڀيري بادشاھ اورنگ زيب عالمگير جي خدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو: بادشاھ سلامت! مون کي خبر ملي آهي ته اوهان جي درٻار ۾ اهل فن جي تمام گهڻي قدر ڪئي ويندي آهي؟ بادشاھ فرمايو: ها! بلڪل اوهان سهي ٻڌو آهي، صاحبِ فن جي قدر ڪرڻ به گهرجي ۽ اسان وٽ ڪئي به ويندي آهي. ان شخص عرض ڪيو: عالي جاھ! مان ٻهروپيو آهيان، مون کي الله پاڪ هي صلاحيت ڏني آهي ته مان ڪابه شڪل اختيار ڪري سگهان ٿو ۽ مون کي سامهون وارو سڃاڻي به ناهي سگهندو(هي فن Intellegence agencyيعني ملڪ جي خفيه ايجنسي جي لاءِ نهايت ڪارائتو آهي) بادشاھ اورنگزيب ان جي ڳالھ ٻڌي ۽ فرمايو: صحيح آهي تون مونکي پنهنجو فن ڏيکار! جنهن ڏينهن تو اهڙو روپ اختيار ڪيو جو مان نه سڃاڻي سگهيس، ان ڏينهن مان توکي انعام ڏيندس. ان شخص ادب سان سلام ڪيو ۽ هليو ويو. ڪجھ ڏينهن گذريا، بادشاھ سلامت بيمار ٿي پيو، سڄي ملڪ ۾ خبر پکڙجي وئي. هڪ ڏينهن دربان بادشاھ سلامت جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو: عاليجاھ! اوهان جي بيمار هجڻ جي خبر ايران ۾ به پهچي وئي آهي، شاھِ ايران اوهان جي علاج جي لاءِ هڪ طبيب موڪليو آهي، جيڪو ٻاهر دروازي تي بيٺو آهي، اوهان حڪم ڏيو ته مان ان کي اندر وٺي اچان. بادشاھ سلامت طبيب کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني، ٿوري دير بعد هڪ طبيب صاحب درٻار ۾ داخل ٿيو، وڏو جبو پاتل، مٿي تي وڏي دستار ٻڌل، پٺيان غلامن جي هڪ قطار جن