Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَنْتَ یَااَبَاذَرٍّ مَعَ مَنْ اَحْبَبْتَ يعني اي ابوذر! تون قيامت جي ڏينهن انهيء سان گڏ رهندين، جنهن سان محبت ڪرين ٿو.

نيڪ ماڻهن سان مشابهت جا ديني ۽ دنياوي فائدا

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جهڙو بڻجڻ جي خواهش ۽ ڪوشش ڪرڻ جي ڇا ته فضيلت آهي...!! عالم سڳورا فرمائن ٿا: * نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل ٺاهڻ سُنّتِ مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي هلڻ جو وسيلو آهي * نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل ٺاهڻ جي برڪت سان الله پاڪ جي خاص مدد ۽ نصرت ملندي آهي * نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل ٺاهڻ جي برڪت سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصوصي شفقت نصيب ٿيندي آهي * جيڪو نيڪوڪارن کي آئيڊيل بڻائيندو آهي، ان تي الله پاڪ جي رحمت وسندي آهي * جيڪو نيڪوڪارن کي آئيڊيل ٺاهيندو آهي، ان جي، ان جي اهل و عيال، ايستائين جو ان جي پاڙيسرين جي به حفاظت ڪئي ويندي آهي * جيڪو نيڪوڪارن کي آئيڊيل بڻائيندو آهي، ان جون دعائون قبول ٿينديون آهن * نيڪ ماڻهن جو رستو اپنائڻ جي برڪت سان دنيا ۾ ڀلائي * چڱي ۽ پاڪيزه زندگي * نيڪ اعمال جي توفيق * الله پاڪ جي معرفت ملندي آهي * ۽ جيڪو خوش نصيب نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل بڻائيندو آهي، ان کي قبر جي امتحان ۾ ثابت قدمي، محشر جي هولناڪين کان امان، پلصراط کان نجات ۽ جنت ۾ نيڪ ماڻهن جو پاڙو نصيب ٿيندو آهي. ڪنهن عربي شاعر ڇا ته خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي:

اِنْ لَّمْ تَکُوْنُوْا مِنْھُمْ فَتَشَبَّھُوْا                                                                                                                                اِنَّ التَّشَبُّہَ بِاْلکِرَامِ فَلاَحٌ

 ترجمو: جيڪڏهن توهان پاڻ نيڪ ناهيو ته نيڪ ماڻهن جي مشابهت اختيار