Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
يعني جيڪو جنهن قوم سان مشابهت رکندو آهي، اهو انهن ۾ شمار ٿيندو آهي. هڪ حديث شريف ۾ آهي: مَنْ اَعْجَبَهُ سَمْتُ رَجُلٍ فَهُوَ مِثْلُهُ يعني جنهن کي جنهن شخص جو طريقو چڱو لڳي ٿو، اهو انهيء مثل آهي.
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هنن حديثن تي باربار غور ڪيو! جنهن کي جنهن جو طريقو چڱو لڳي ٿو، اهو انهي جي مثل آهي. افسوس! اهي نادان جن کي فلمي ايڪٽرن جا اسٽائل سٺا لڳن ٿا، جن کي غيرمسلمن جا انداز وڻن ٿا، جيڪي اٿندي، ويهندي چال ڍال ۾، کائڻ، پيئڻ ۽ پائڻ وغيره ۾ غير مسلمن جي فيشن کي ملحوظ رکن ٿا، افسوس! حديثِ پاڪ جي مطابق اهي انهن جي مثل آهن. ٻي طرف ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن سان محبت آهي، جن کي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جون ادائون چڱيون لڳن ٿيون، جن کي غوث پاڪ، داتا حُضور، خواجه حضور، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جون ادائون پسند اچن ٿيون، اهي خوش بخت جيڪي پنهنجي بزرگن، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي سيرت پڙهندا يا ٻڌندا آهن ته انهن جهڙو بڻجڻ، انهن جون ادائون اپنائڻ جي خواهش دل ۾ ڏسندا آهن، اهڙي خوش بختن جي ڇا ته شان آهي رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن کي جنهن جو طريقو چڱو لڳي ٿو، اهو انهيءَ جي مثل آهي.
تون جنهن سان محبت ڪرين ٿو انهيءَ سان گڏ رهندين
صحابي رسول، حضرت ابوذرغِفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيري بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هڪ ماڻهو آهي، اهو ڪنهن قوم سان محبت ڪري ٿو پر ان جهڙو عمل نٿو ڪري سگهي(ان جي متعلق ڇا حڪم آهي)؟ پياري