تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

حضرت بِڪر بن عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ ايڏو مينهن وسايو جو سڄي باھ وسامي وئي، پوءِ اوچتو تيز طوفان هليو،ايترو تيز طوفان هليو جو بادشاھ سميت پوري ديڳ کي اڏرائي کڻي ويو، هاڻي ديڳ اڏامي پئي بادشاھ ان ديڳ جي اندر آهي ۽ پڙهي رهيو آهي: لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ ، لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ ايئن ئي بادشاھ پڙهندو رهيو ۽ طوفان ان کي ۽ ديڳ کي پري هڪ ڳوٺ ۾ کڻي ويو، جنهن ڳوٺ ۾ وڃي ديڳ زمين تي لٿي، اهو ڳوٺ غير مسلمن جو ڳوٺ هو، هاڻي جڏهن غير مسلمن لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ جون صدائون ٻڌيون، ته ڀڄي ڪري تلوارون مياڻ مان ڪڍي آيا، پر جڏهن انهن ڏٺو ته هڪ ديڳ اڏامي آئي آهي ان ۾ هڪ شخص آهي اهولَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ جو وِرد ڪري رهيو آهي، ته انهن کي ڪجھ حيراني ٿي ته هيءَ ديڳ ڪيئن اڏامندي آئي، ته انهن بادشاھ کان سڄي ڪهاڻي پڇي؟ سڄو واقعو پڇيو؟ جڏهن بادشاھ پنهنجو سڄو واقعو ٻڌايو ته غير مسلمن جو سڄو ڳوٺ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! جيڪو ٻانهو سچي دل سان الله پاڪ جي طرف متوجھ ٿيندو آهي، الله پاڪ جي طرف رجوع ڪندو آهي، سچي دل سان الله پاڪ کي پڪاريندو آهي، الله پاڪ ان ٻانهي جي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا سبب پيدا ڪندو آهي..! پر افسوس جي ڳالھ آهي، اڄ اسان جي زندگي مان هيءَ ڳالھ گهٽ ٿيندي پئي وڃي ته، اسان ڄاڻون ٿا اسان وٽ اسباب محدود آهن، اسان ڄاڻون ٿا ته اسان محتاج آهيون، اسان ڄاڻون ٿا ته اسان تي مشڪلاتون اينديون آهن پر دعا ڪرڻ ۾ ڏاڍي سستي ٿيندي آهي، الله پاڪ جي بارگاھ کان استعانت(يعني مدد گهرڻ) جو رجحان به اسان جي معاشري ۾ گهٽ ٿيندو پيو وڃي.


 

 



[1] عُیونُ الِحکَایَات مترجم ، جلد:1، صفحہ:86خلاصۃً۔