Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
ٿيو ته باھ ٻاري وڃي، ان تي هڪ وڏي ٽامي جي ديڳ رکي ڪري بادشاھ کي ان ديڳ ۾ وڌو وڃي، ايئن بادشاھ سڙي ڪري دردناڪ موت مري ويندو. ان مشوري تي عمل ڪيو ويو باھ ٻاري وئي، باھ جي مٿان ٽامي جي ديڳ رکي وئي ۽ بادشاھ کي ان ۾ وڌو ويو، آهسته آهسته ديڳ گرم ٿيڻ شروع ٿي، ديڳ گرم ٿي ته ان جي گرمائش سان بادشاھ جو جسم سڙڻ لڳو، هاڻي بادشاھ پنهنجي ڪوڙن خدائن (يعني جن جي عبادت ڪندو هو انهن) کي هڪ هڪ ڪري پڪارڻ لڳو ظاهر آهي اهي خدا ڪوڙا هئا، اهو بادشاھ ڌوڪي ۾ هو جن جي اڳيان سڄي زندگي مٿو جهڪائيندو رهيو اهي حقيقت ۾ خدا هئا ئي نه، اهي مدد ڪيئن ڪن، بادشاھ هڪ هڪ کي پڪاريندو رهيو پر ڪنهن جي به طرفان جواب نه آيو، ان جي ڪوڙن خدائن مان ڪو به ان کي بچائي نه سگهيو، هاڻي بادشاھ جي دل ۾ خيال آيو، بادشاھ آسمان ڏي نگاھ کنئي ۽ بلند آواز سان پڙهڻ شروع ڪيائين: لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ، لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ يعني اهو بادشاھ پنهنجي ڪردار سان، پنهنجي عمل سان هي اظهار ڪري رهيو هو ته اي الله پاڪ! مان سڄي زندگي ڌوڪي ۾ رهيس، مان شرڪ ۾ مبتلا رهيُس، مان ڪوڙن خدائن کي تنهنجو شريڪ ڪندو رهيُس، مان ڪوڙن خدائن جي اڳيان سجدي ۾ جهڪندو رهيُس، پنهنجي پيشاني انهن جي اڳيان جهڪائيندو رهيُس، پر اي ربِّ ڪريم! اي حقيقي ربِّ ڪريم! اڄ مان سمجهي چڪو آهيان اهي سڀئي ڪوڙا هئا، اي الله پاڪ! اڄ مان تنهنجي اڳيان مٿو جهڪايان ٿو، تنهنجي حضور حاضر ٿيان ٿو، ڄڻ ته اهو بادشاھ پنهنجي عمل سان هي چئي رهيو هو: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله مان حاضر آهيان. مان شرڪ کي ڇڏيان ٿو، مان ڪفر کي ڇڏيان ٿو ۽ مان پنهنجن باطل عقيدن کي ڇڏي ڪري تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري اقرار ڪريان ٿو: لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ هاڻي بادشاھ جڏهن لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ پڙهڻ شروع ڪيو،