Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
نالو نه پئي وٺي. ڪافي وقت گذري ويو، آخر ان سوچيو، هتي به ته فارغ ليٽيو پيو آهيان، ڇونه ٻاهر جي تازي هوا جهٽي اچان، هي سوچي ان گاڏي ڪڍي ۽ ٻاهر نڪري ويو، ڪو ڪم ته هيو نه، ايئن ئي هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيو هلندي هلندي هڪ هنڌ ان کي مسجد نظر آئي، دل ۾ خيال آيو ته هونئن به گهمي ڦري رهيو آهيان ڇونه مسجد ۾ هليو وڃان. جيئن ته ان گاڏي پارڪ ۾ بيهاري ۽ مسجد ۾ داخل ٿيو، وضو ڪيائين ۽ مسجد جي حال جي طرف وڌيو، هلندي هلندي اوچتو ان جا قدم رڪجي ويا، سڄي مسجد خالي هئي پر هڪ ڪنڊ مان آهستي روئڻ ۽ سڏڪڻ جو آواز اچي رهيو هيو، امير شخص ڏٺو ته ڪو غريب هو، اهو هٿ کڻي دعا گهري رهيو هو، اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ هو روئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪري رهيو هو: اي الله پاڪ! منهنجي ڌيءَ بيمار آهي، ڊاڪٽر آپريشن جو چيو آهي، مون غريب وٽ پيسا ڪٿان اچن، اي ربّ ڪريم! تون اسباب ٺاهڻ وارو آهين، مون غريب جي حالت زار تي رحمت جي نظر فرماءِ. اهو امير ننڊ نه اچڻ جو سبب سمجهي ويو، هو غريب جي ويجهو ويو، کيسي ۾ جيتري رقم هئي ڪڍي ڪري ان کي ڏني ۽ پنهنجو ڪارڊ ڏيندي چيائين: هينئر مون وٽ ايتري ئي رقم آهي، وڌيڪ ضرورت پئي ته هن ايڊريس تي اچي وڃجان.
غريب ماڻهو جيتوڻيڪ غريب هو پر ان جي دل لالچ کان پاڪ هئي، ان ڪارڊ واپس ڏئي چيو: محترم! مون وٽ پهريائين هڪ ايڊريس موجود آهي. امير شخص حِيرت مان پڇيو: اها ڪنهن جي اڊريس آهي، جيڪڏهن تو وٽ ايڊريس هئي ته اتي ڇونه وئين؟ غريب انسان سادگي سان چيو: اهو ئي جنهن اڄ هن وقت اوهان کي مون ڏي موڪليو آهي مان انهيءَ جي دروازي تي ويٺو آهيان.