Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
مشڪلات ۾ آساني نصيب ٿي ويندي آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ یَجۡعَلۡ لَّہٗ مِنۡ اَمۡرِہٖ یُسۡرًا (۴) (پارہ:28،سورۂ طلاق:4)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو الله کان ڊڄي الله ان جي لاءِ ان ڪم ۾ آساني فرمائي ڇڏيندو.
هڪ ٻي مقام تي الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ یَجۡعَلۡ لَّہٗ مَخۡرَجًا ۙ(۲) (پارہ:28،سورۂ طلاق:2)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو الله کان ڊڄي الله ان جي لاءِ نڪرڻ جو رستو بڻائي ڇڏيندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي نيڪ اعمال جو اهم ۽ بنيادي فائدو آهي ته جيڪو ٻانهو نيڪ اعمال ڪندو آهي. الله پاڪ مشڪل وقت ۾ ان جي لاءِ آسانيون پيدا فرمائيندو آهي ۽ اهڙي وقت ۾ جڏهن انسان کي نجات جو ڪو رستو نظر ناهي ايندو، الله پاڪ ان ٻانهي جي لاءِ رستا پيدا ڪري ڇڏيندو آهي.
نيڪي بُرائي جو رستو روڪي وٺندي آهي
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: صَنَائِعُ الْمَعْرُوْفِ تَقِیَ مَصَارِعَ السُّوْءِ يعني نيڪ اعمال برائين کان بچائي وٺندا آهن.[1]
غار ۾ کير ڪنهن پُڄايو......؟
اڄ کان تقريباً ٻه سو سال پهريان جو واقعو آهي، عرب جي ڪنهن ڳوٺ جو رهڻ وارو هڪ شخص هيو، جنهن جو نالو اِبۡن جُدعان هيو، بهار جي موسم ۾ هڪ ڀيرو اهو پنهنجي اُٺن جي واڙي ۾ آيو ته ڏٺائين: سندس اُٺ ٿلها ۽