Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

معلوم ٿيو: نيڪ اعمال جي برڪت سان مؤمن کي دنيا ۾ رزق حلال، نيڪ پاڪيزه، پُرسڪون، سُک چين ۽ راحت ۽ آرام واري پاڪيزه زندگي عطا ڪئي ويندي آهي.

نيڪ اعمال جا ٽي فائدا

حضرت حسن بن صالح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: نيڪ عمل: (1) بدن ۾ طاقت (2) دل ۾ نور ۽ (3) اکين ۾ روشني پيدا ڪندو آهي جڏهن ته بُرو عمل: (1) بدن ۾ ڪمزوري (2) دل ۾ اونداهي ۽ (3) اکين ۾ انڌائپ آڻيندو آهي.[1]    

100  سالن جي عمر ۾ به جسماني طاقت سلامت

علامه اَبو طيّب طَبۡري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ، تمام وڏا عالم ٿي گذريا آهن، پاڻ 100 سال کان به وڌيڪ عمر ماڻي، هن عمر ۾ به پاڻ ذهني ۽ جسماني لحاظ کان به تندرست ۽ توانا هئا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ڪنهن صحت جو راز پڇيو ته فرمايائون: مان جواني ۾ پنهنجي جسماني صلاحيتن کي گناھ کان محفوظ رکيو(پاڻ کي نيڪ اعمال ۾ لڳائي رکيو)، ان جي برڪت سان اَڄ جڏهن مان پوڙهو ٿي ويو آهيان ته الله پاڪ منهنجي جسماني صلاحيتن کي منهنجي لاءِ باقي رکيو.[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي نيڪ اعمال جو دنياوي فائدو...!! جيڪو گناھن کان بچي ڪري نيڪ اعمال ۾ لڳل رهي، الله پاڪ ان کي صحت ۽ سلامتي واري پُرسڪون زندگي عطا فرمائيندو آهي.

 نيڪ اعمال جو دنياوي فائدو: مشڪلات کان آساني

   نيڪ اعمال جو هڪ دنياوي فائدو اهو به آهي ته نيڪ اعمال جي برڪت سان


 

 



[1] حِلْیَۃُ الْاَولِیاء،جلد:7،صفحہ:385،رقم:10941

[2] مجموع رسائل ابن رجب،جلد:3،صفحہ:100