Share this link via
Personality Websites!
نيڪ اعمال ڪرڻ وارن مسلمانن جي لاءِ اهڙيون نعمتون تيار ڪري رکيون آهن، جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪن ٻڌو، نه ڪنهن دل تي ان جو خيال گذريو، الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَاَجۡرُ الۡاٰخِرَۃِ اَکۡبَرُ ۘ (پارہ:14،سورۂ نحل:41)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ آخرت جو ثواب تمام وڏو آهي.
هن سان گڏوگڏ دنيا ۾ به نيڪ اعمال جا چڱا نتيجا ڏسڻ جي لاءِ ملن ٿا، قرآن و حديث ۾ نيڪ اعمال جا ڪيئي سارا دنياوي فائدا به بيان ٿيا آهن:
سيپارو: 14 سوره نحل، آيت: 30 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
لِلَّذِیۡنَ اَحۡسَنُوۡا فِیۡ ہٰذِہِ الدُّنۡیَا حَسَنَۃٌ ؕ وَ لَدَارُ الۡاٰخِرَۃِ خَیۡرٌ ؕ (پارہ:14،سورۂ نحل:30)
ترجمو ڪنزالعرفان: جن هن دنيا ۾ ڀلائي ڪئي، انهن لاءِ ڀلائي آهي ۽ بيشڪ آخرت جو گهر سڀ کان بهتر آهي.
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: (هن آيت جي هڪ معنيٰ هيءَ آهي ته) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن کي دنيا ۾ به ان جو چڱو اَجر ملندو.[1] هڪ ٻي آيت ۾ آهي:
مَنۡ عَمِلَ صَالِحًا مِّنۡ ذَکَرٍ اَوۡ اُنۡثٰی وَ ہُوَ مُؤۡمِنٌ فَلَنُحۡیِیَنَّہٗ حَیٰوۃً طَیِّبَۃً ۚ (پارہ:14،سورۂ نحل:97)
ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪو مرد يا عورت نيڪ عمل ڪري ۽ اهو مسلمان هجي ته اسان ضرور ان کي پاڪيزه زندگي ڏينداسين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami