Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

نيڪي ڪڏهن پراڻي ناهي ٿيندي

  پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ اعمال دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي جو ذريعو آهن. نيڪي ننڍي هجي يا وڏي بهرحال ان جو ڦل ضرور ملندو آهي. ڏسو! حضرت يحيي بن اسماعيل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه جا والد محترم صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان سان محبت ڪرڻ  وارا هئا، انهن جي هن محبت، ان نيڪي جي صدقي سندن ڌيءَ کي دنيا ۾ شفاء به ملي ۽ آخرت ۾ جنت جي بشارت به ڏني وئي. سُبْحٰنَ اللہ!

ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلْبِرُّ لَا يُبْلٰي وَالاِْ ثْمُ لَا يُنْسٰي وَالدَّيَّانُ لَا يمُوتُ فَکُنْ کمَا شِئْتَ کمَا تَدِينُ تُدَانُ يعني نيڪي پرُاڻي ناهي ٿيندي ۽ گناھ وساريو ناهي ويندو، جزا ڏيڻ وارو (يعني الله پاڪ) ڪڏهن فنا نه ٿيندو، تنهنڪري جيڪو چاهيو بڻجي وڃو، توهان جهڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ۔[1]

 

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيترا خوبصورت، دل تي نقش ڪرڻ جهڙا الفاظ آهن، ڪوشش ڪري هنن لفظن کي ياد ڪري دل ۾ ويهاريو. * اَلْبِرُّ  لَایَبْلٰی نيڪي ڪڏهن پراڻي ناهي ٿيندي، * وَالذَّنْبُ لَایُنْسٰی گناھ ڪڏهن وساريو ناهي ويندو * وَالدَّیَّانُ لَایَمُوْت ۽ بدلو ڏيڻ واري (الله پاڪ) کي ڪڏهن موت نه ايندو، * فَکنْ کمَا شِئْتَ سو جيڪو چاهيو بڻجي وڃو! کَمَا تَدِیْنُ تُدَانْ جهڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ۔

نيڪ اعمال جا دنياوي فائدا

اي عاشقانِ رسول! واقعي حقيقت آهي، نيڪي پراڻي ناهي ٿيندي. هڪ آهي نيڪ اعمال جو اُخروي اجر و ثواب، اُن جو ته ڪهڙو نه شان آهي، الله پاڪ


 

 



[1] مصنف عبدالرزاق،کتاب الجامع،جلد:10،صفحہ:189،حدیث:20430۔