Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:

مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة

يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

شڪر ڪرڻ سُنّت آهي

2فرامينِ مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم (1): الله ڪريم کي اها ڳالھ پسند آهي ته ٻانهو هر گرھ ۽ هر ڍڪ تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري. (2): پنهنجون زبانون ذڪر سان ۽ دل شُڪر سان تر رکو!

اي عاشقان رسول!  شُڪر ڪرڻ سُنّت آهي * الله جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثرت سان شڪر ڪندا هئا * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن ناشڪري نه ڪئي * شڪر اعليٰ عبادت آهي * شڪر ڪرڻ سان نعمت ۾ اضافو ٿيندو آهي * مسلمان کي نعمت ملي، ته شڪر ڪري، ان جي برڪت سان اِن شَآءَ الله!  عذاب کان محفوظ رهندو

شڪر ڪرڻ جو طريقو: * حضرت ابو بڪر شبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نعمت کي ڏسڻ بدران، نعمت ڏيڻ واري تي نظر رکڻ شڪر آهي۔ مثلاً اوهان کي سيلري ملي، هي به نعمت آهي، امتحان ۾ پاس ٿيا، پٽ يا ڌيء جي ولادت ٿي، نماز جي توفيق ملي، روزو رکڻ جي سعادت ملي، صدقو ڏنو وغيره ڪا به نعمت ملي ته


 

 



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵