Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                        صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

محبتِ صديق ۽ فاروق جون برڪتون

حضرت يحيي بن اسماعيل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه فرمائن ٿا: منهنجي هڪ وڏي ڀيڻ هئي، اها بيمار ٿي پئي، ذهني توازن ويندو رهيو، ڪم و بيش 10 سال کان وڌيڪ عرصو انهيءَ آزمائش ۾ مبتلا رهيون، گهر جي ڇت تي هڪ ڪمرو هيو، اها انهيءَ ڪمري ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن ايئن ٿيو جو مان پنهنجي ڪمري ۾ ستو پيو هيس، اچانڪ ڪنهن دروازو وڄايو. مون پڇيو: ڪير؟ دروازو وڄائڻ واري هڪ عورت هئي، جڏهن ان پنهنجو نالو ٻڌايو ته مون حيران ٿي پڇيو: منهنجي ڀيڻ؟ جواب آيو: هائو تنهنجي ڀيڻ. اهو ٻڌندي ئي مون جلدي ۾ دروازو کوليو، اڄ 10 سالن کان بعد منهنجي ڀيڻ منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي رهي آهي، ان جو ذهني توازن ڪيئن ٺيڪ ٿي ويو؟ آزمائش ڪيئن دور ٿي؟ ان جي باري ۾ ٻڌائيندي منهنجي ڀيڻ چيو: مان سُتي پئي هيس، خواب ۾ ڪنهن مون کي چيو: الله پاڪ توهان جي ڏاڏي جي نيڪي جي برڪت سان اوهان جي پيءُ اسماعيل جي حفاظت فرمائي ۽ توهان جي والد اسماعيل جي برڪت سان تنهنجي حفاظت فرمائي. توهان جو ڏاڏو ۽ والد صاحب شيخين ڪريمين(يعني مسلمانن جي پهرين ۽ ٻئين خليفي) حضرت ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهما کان محبت ڪندا هئا، انهيءَ ڪري حضرت ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهما الله پاڪ جي درٻار ۾ تنهنجي سفارش ڪئي، هاڻي جيڪڏهن تون چاهين ته مان دعا ڪيان، الله پاڪ توکي شفا عطا فرمائيندو، جيڪڏهن چاهين ته صبر ڪر تنهنجي لاءِ جنت آهي. مون چيو: مان ته جنت چاهيان ٿي، باقي الله پاڪ جي رحمت وسيع آهي، اهو چاهي ته دنيا ۾ شفاء ۽ آخرت ۾ جنت ٻئي عطا فرمائي ڇڏي. خواب ۾ اچڻ واري چيو: توهان جو ڏاڏو ۽ والد صاحب شيخين ڪريمين رَضِیَ اللهُ عَنْهما