Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز جي جڳھ مدني چينل هلڻ لڳو.
خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو نیک ہو امَّت اے نانائے حسین!
مَدنی اِنعامات کی ہو ریل پیل نیک ہو امَّت اے نانائے حسین!
نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي جي لاءِ دعوتِ سلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الڳ، الڳ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي * بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوال ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪوبه وقت مُقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، هن جي مطابق زندگي گذاريو،
اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو.