Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

مسواڪ ۾ ريشا هوندا آهن، هن مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ريشن يعني زخمي دل وارن سان محبت هئي.

 * نيڪ عمل نمبر 33 جي مطابق تهجد جي نماز پڙهڻ جي برڪت سان پوڙهائپ دير کان ايندي ۽ چهرو نوراني ٿيندو آهي.

 * نيڪ عمل نمبر 38 جي مطابق  سچ ڳالهائڻ جي برڪت سان جسماني ۽ دماغي صحت بهتر ٿيندي آهي، هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ انسان جي صحت کي  متاثر ڪندو ۽ بي خوابي ۽ السر جو سبب بڻجندو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ وارا حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪري نفسياتي دٻاءُ (Depression) جو شڪار ٿي ويندا آهن. لهٰذا سچ ڳالهائي ڪري انهن تمام آفتن کان بچي سگهجي ٿو.

حسد، وعدہ خِلافی، جھوٹ، چُغلی، غیبت و تہمت

مجھے  ان  سب  گناہوں  سے  ہو  نفرت یارسولَ اللہ([1])

 * نيڪ عمل نمبر 55 جي مطابق  عمامو شريف پائڻ مٿي جي سور جي لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي. هن سان دماغ کي تقويت ملندي ۽ حافظو مضبوط ٿيندو آهي. عمامو ٻڌڻ سان دائمي نزلو ناهي ٿيندو، جيڪڏهن ٿيندو به آهي ته ان جا اثرات گهٽ هوندا آهن. عمامي شريف جو شملو حرام مغز کي موسمي اثرات مثلاً سردي گرمي وغيره کان تحفظ فراهم ڪندو آهي ۽ سرسام (يعني دماغ ۽ ورم) جي مرض جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻيندو آهي.[2]

لباس اپنا سنّت سے آراستہ ہو                                     عمامہ  ہو  سر  پر  سجا  یاالٰہی!([3])


 

 



[1]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:332۔

[2] 163 مدنی پھول،صفحہ: 27

[3]... وسائِلِ بخشش، صفحہ: 104۔