Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
۽ جلد جي ڪينسر کان 90 کان 95 فيصد تائين تحفظ فراهم ڪندا ۽ دم (Asthma) جي جراثيمن کان ڦڦڙن (Lungs) جي حفاظت ڪندا آهن.
سبھی رُخ پہ اک مُشت داڑھی سجائیں بنیں عاشِقِ مصطفےٰ یاالٰہی! ([1])
* نيڪ عمل نمبر 31 جي مطابق مِسواڪ جي عادت بڻائڻ جون به ڪيئي برڪتون آهن. سائنسي تحقيق (Research) مطابق مسواڪ جا ريشا بيڪٽيريا کي ڇُهڻ کان بنا براهِ راست ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڏندن جي ڪيئي بيمارين کان بچائيندا آهن. هي ڏندن ۽ وات جي صفائي ۽ ڏندن جي مهارن جي صحت جو بهترين ذريعو آهي. آمريڪا ۾ ڏندن جي متعلق ٿيڻ واري هڪ نشت ۾ ٻڌايو ويو ته مسواڪ ۾ اهڙا مادا (Substances)هوندا آهن جيڪي ڏندن کي ڪمزوري کان بچائيندا آهن ۽ اهي تمام دوائون جيڪي ڏندن جي صفائي ۾ استعمال ٿينديون آهن، انهن سڀني کان وڌيڪ فائديمند مسواڪ آهي.[2] مسواڪ سان حافظي جي قوت وڌندي، مٿي جو سُر پري ٿيندو ۽ مٿي جي رڳن کي سڪون ملندو آهي. ان کان علاون نظر تيز، معدو درست ۽ کاڌو هضم ٿيندو آهي، عقل ۾ اضافو ٿيندو آهي، ٻارن جي پيدائش ۾ اضافو ٿيندو، پوڙهائپ دير سان ايندي ۽ پُٺي مضبوط ٿيندي آهي.[3]
یہ اکثر ساتھ اُن کے شانہ و مسواک کا رہنا بتاتا ہے کہ دل ریشوں پہ زائد مہربانی ہے([4])
وضاحت: سرڪار مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ مبارڪه هئي ته ڪنگو ۽ مسواڪ شريف اڪثر پاڻ سان گڏ رکندا هئا، ڪنگي ۾ ڏند ۽