Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
* نيڪ عمل نمبر 25 جي مطابق سفيد لباس پائڻ جي برڪت سان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي آهي.[1]
* آمريڪا ۾ انساني صِحَّت جي متعلق ڪيل هڪ تحقيق جي مطابق لباس کي ڀيڏين (Ankles) کان مٿي لڙڪائڻ ۾ ورم(Swelling)، جگر جي اندروني ورم ۽ چريائپ کان حفاظت رهندي آهي. * ڪالر(Collar) جي بغير قميص پائڻ سان دماغ ۽ اکين جي ڪمزوري(Weakness)، بي خوابي (Sleeplessness)، وارن جي ڪِرڻ ۽ چريائپ (Insanity) کان حفاظت رهندي آهي. انهي ڪري دماغ ۾ رت جي روانگي دماغي شريانن کان ٿيندي آهي ۽ ڪالر (Collar) کان انهن شريانن ۾ دٻاءُ وڌڻ جي ڪري رت جي گردش ۾ ڪمي واقع ٿي ويندي آهي.
ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے بس وُہی تو جہاں میں سمجھدار ہے([2])
* نيڪ عمل نمبر 27 جي مطابق ڏاڙهي شريف رکڻ جي برڪت سان فولي ڪليٽس باربي (Folliculitis barbae) نامي بيماري کان عافيت رهندي آهي، هن بيماري جو خطرو شيو (Shave) جي دوران جِلد تي اچڻ واري زخم کان وڌي ويندو آهي. جڏهن سُنتِ رسول چهري تي سجائي هوندي ته هيءَ بيماري ويجهو به نه ايندي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جي بدولت الرجي کان حفاظت رهندي آهي ڇوته ڏاڙهي ۽ مڇن جا وار ڌوڙ مٽي(Dust) ۽ پولن ذرات (Pollen Grains) کي پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن اهڙي طرح اهي نڪ ۽ وات ۾ ناهن وڃي سگهندا. چهري جا وار جِلد (Skin) کي سج جي الٽرا وائلٽ شعاعن کان بچائيندا