Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
رڪوع ڪرڻ سان چيلھ جي سور(Backache) کان نجات ملندي آهي. (10) پيٽ جي سنڌَن (11) معدي ۽ آنڊن جو نظام درست ٿيندو آهي. (12) ۽ پٿري ٺهڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي. (13) نماز سان گوڏن ۽ ٺوٺين جا جوڙ مضبوط ٿيندا آهن. (14) نماز گردن ۽ ڪلهن جي رڳن جي لاءِ بهترين ورزش (Exercise) آهي.
ہر عبادت سے برتَر عبادت نماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز
اے غریبو! نہ گھبراؤ! سجدے کرو! دے گی برکت، مٹائے گی غربت نماز
صبر سے اور نمازوں سے چاہو مدد پُوری کروائے ہر ایک حاجت نماز
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
ڪجھ مزيد نيڪ اعمال جا دنياوي فائدا
اي عاشقانِ رسول! انهي طرح 72 نيڪ اعمال ۾ بقيه جيڪي نيڪ اعمال آهن انهن جا ڪيئي فائدا ۽ برڪتون آهن، مثلاً نيڪ عمل نمبر 21 آهي: ڇا اڄ توهان فجر جي لاءِ جاڳايو؟ هن نيڪ ڪم تي عمل جي برڪت سان صبح صبح پيدل هلڻ جو موقعو ملندو آهي، جنهن جي برڪت سان صحت چڱي رهندي آهي. پيدل هلڻ مختلف قسم جي بيمارين (هارٽ اٽيڪ، فالج، لقوو، دماغي بيماريون، هٿ پير ۽ جسم جو سور، زبان ۽ ڳلي جون بيماريون، وات جا ڇالا، سيني ۽ ڦڦڙن جي بيمارين، سيني جي جلن، شوگر، هائي بلڊ پريشر، جگر ۽ پتي جي بيمارين وغيره) کان بچائي ٿو. هن سان وزن اعتدال ۾ رهي ٿو. هڏيون مضبوط ٿينديون ۽ تمام اعضاء بهتر طور تي ڪم ڪندا آهن.[1]