Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
نفسيات) جي مطابق ڪنهن به ڪم ۾ ڪاميابي جي لاءِ مضبوط قوتِ ارادي هجڻ نهايت ضروري آهي، جنهن جي قوت اِرادي مضبوط نه هجي، ان جو حال اهڙو ئي ٿيندو آهي.
ارادے باندھتا ہوں، سوچتا ہوں، توڑ دیتا ہوں کہیں ایسا نہ ہو جائے، کہیں ویسا نہ ہو جائے
يعني جنهن جي قوتِ اِرادي مضبوط نه هجي، اهو دربدر رهندو آهي، ان ڪري قوت اِرادي کي ڪاميابي جو بنيادي شرط قرار ڏنو ويندو آهي، نماز جو هي هڪ بهترين دنياوي فائدو آهي ته هن نيڪ عمل جي برڪت سان قوت اِرادي نهايت مضبوط ٿي ويندي آهي. * نماز جو هڪ نهايت اهم فائدو اهو به آهي ته نماز هڪ حفاظتي قلعو آهي. اوهان کي خبر هوندي: دوا ٻه طرح جي هوندي آهي، هڪ ته عام دوا جيڪا بيمار جي بيماري کي ختم ڪندي آهي ۽ هڪ ويڪسين هوندي آهي، اها بيماري کي ختم به ڪندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ آئنده بيماري کي ويجهي اچڻ کان به روڪيندي آهي، نماز به ائين ئي آهي نماز اسان جي اندروني باطني بيمارين کي ختم به ڪندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ آئنده گناهن ۽ بيمارين کي اسان جي ويجهي اچڻ کان به روڪيندي آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ
ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بري ڳالهه کان روڪي ٿي.
هي نماز جو اهم ترين فائدو آهي نماز نه صرف اسان جي منفي سوچ، منفي ڪردار، منفي اخلاق کي سڌاريندي به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان کي آئنده منفي ڳالهين، منفي سوچن ۽ منفي عادتن کان بچائي به وٺندي آهي.
هڪي ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض