Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

ڪڍي سگھيس. بادشاهه فوراً باغ کسڻ جي نيت ترڪ ڪئي ۽ چيو؛ هڪ ڀيرو وري وڃي ڪوشش ڪر، پوءِ هو وئي ۽ آسانيءَ سان رس ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.[1]  

الله اڪبر! غور ڪيو! نيت ڪيتري اثر انداز ٿيندي آهي، جيڪڏهن اسان چڱي نيت ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جون مرادون چڱي طرح پوريون ٿينديون. الله پاڪ اسان کي هر نيڪ ۽ جائز ڪم کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

نماز جا دنياوي فائدا

 72 نيڪ اعمال مان ٻيو نيڪ عمل آهي: ڇا اڄ اوهان پنج ئي نمازون جماعت سان ادا ڪيون؟

نماز ته دنياوي ۽ اُخروي ڪاميابين جي ڪنجي آهي. نماز پڙهڻ جا اُخروي فائدا جيڪي آهن اُهي ته پنهنجي جڳھ تي قائم آهن دنياوي فائدا به ايترا آهن جو انهن جي ڳڻپ نٿي ٿي سگهي.

(1) نماز جا معاشرتي فائدا

 *  نماز هڪ شُڪر آهي ۽ شڪر جي برڪت سان نعمتن ۾ اضافو ٿيندو آهي. * نماز هر مسلمان  تي فرض آهي، جيڪو پنج ئي نمازون پابندي سان ادا ڪرڻ جي عادت بڻائي وٺي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فرض شناس ٿي ويندو. * لاپرواهي. * سستي * ۽ ڪاهلي جي آفت کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. * جديد سائيڪالوجي (علم


 

 



[1] حياة الحيوان الڪبريٰ ج 1 ص 216،