Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

کي پڪڙي پڇيو: ياسَيدِي! الله پاڪ اوهان تي رحم فرمائي، اوهان ڪير آهيو؟ جن جي سبب الله پاڪ منهنجي والدِ محترم تي هن ويراني ۾ احسان فرمايو آهي، ان  پڇيو: ڇا تون مون کي نٿو سڃاڻين؟ مان مُحَمَّدٌرَّسُوْلُ الله ( صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ) آهيان، تنهنجو پيءُ تمام گھڻو گنهگار هو، پر مون تي ڪثرت سان دُرُودِ پاڪ پڙهندو هو۔ جڏهن هو هن بيماريءَ ۾ مُبتَلا ٿيو ته مون سان فرياد ڪيائين ۽ بيشڪ جيڪو مون تي ڪثرت سان دُرُودِ پاڪ پڙھندو آهي، مان ان جي فرياد تي پهچندو آهيان۔ پوءِ مان بيدار ٿيس ته ڏٺم منهنجي والد سڳوري جو چهرو سفيد ۽ چمڪدار ٿي چڪو هو۔[1]

گورِ بیکس کو شمع سے کیا کام                                                                                                                    ہو چراغِ سَرِ مَزار دُرود

قَبر میں خوب کام آتی ہے                                                                                                                            بیکسوں  کی ہے  یارِ  غار  درود([2])

 وضاحت: يعني بي ڪس ۽ گنهگار کي قبر ۾ شمع جي ضرورت ناهي، ڪاش! قبر ۾ درود پاڪ جا ڏيئا روشن ٿي وڃن. بيشڪ درود قبر جو ساٿي آهي، گنهگارن جو يار غار ۽ يار مزار دورد شريف آهي.

  صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [3]


 

 



[1] ۔۔۔ تفسیر روح البیان،پارہ:22،سورۂ احزاب،زیرِ آیت:56 ،جلد:7،صفحہ:225 ۔

[2]... ذوقِ نعت،صفحہ:124 -125 ۔

[3] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔