Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

(3) جهڙي نيت تهڙي مراد

پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي چڱي نيتن واري نيڪ عمل جو هڪ ٻيو دنياوي فائدو عرض ڪيان؛  جهڙي نيت تهڙي مراد. چڱي نيت جو هڪ دنياوي فائدو اهو به آهي ته چڱي نيت جي برڪت سان الله پاڪ چاهي ته مراد نه صرف پوري ٿيندي آهي بلڪه چڱي طرح پوري ٿيندي آهي. جيڪڏهن نيتن ۾ خرابي اچي وڃي ته اسان جون مرادون پوريون ٿين يا نه ٿين، پر نقصان ضرور ٿيندو آهي.

ڪمند جو ٿڌو مٺو  رس

شيخ طريقت، امير اهل سنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي ڪتاب نيڪي جي دعوت ۾ چڱي نيت جون برڪتون بيان ڪندي لکن ٿا: هڪ ڀيري ايران جو هڪ بادشاهه ڪِسريٰ! پنهنجي لشڪر کان وڇڙي ڪنهن باغ جي دروازي تي پهتو، ان پيئڻ جي لاءِ پاڻي گھريو ته ننڍي ڇوڪريءَ ڪمند جو ٿڌو مٺو رس کڻي آئي، بادشاهه ان کي پيتو ته  تمام لذيذ هو، ان ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ڪيئن ٺاهين ٿي؟ ان ٻڌايو ته هن باغ ۾ تمام اعليٰ درجي جو ڪمند ٿيندو آهي، اسان پنهنجي هٿن سان ڪمند نپوڙي رس ڪڍندا آهيون! بادشاهه هڪ ٻي گلاس جي فرمائش ڪئي ته اهو کڻڻ وئي، ته ان مهل بادشاهه جي نيت خراب ٿي وئي ۽ ان طئي ڪيو ته مان هي باغ زبردستي وٺي انهن کي ٻيو باغ ڏيندس. ايتري ۾ اها ڇوڪريءَ روئيندي آئي ۽ چوڻ لڳي؛ اسان جي بادشاهه جي نيت خراب ٿي وئي آهي، بادشاهه چيائين؛ تو کي ان جي خبر ڪيئن پئي؟ چوڻ لڳي ته پهرين آساني سان رس نڪري ويندو هو پر هينئر ته خوب زور لڳائڻ جي باوجود به رس نه