Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

جيڪڏهن اسان چڱي نيتن جي عادت بڻايون ته ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۾ ملڻ واريون نعمتون، ڪاميابيون زحمت بڻجڻ کان محفوظ ٿي وينديون. ڏسو! دنيا جي لاءِ ڪمايل مال آخرت ۾ هلاڪت جو سبب آهي، جيڪڏهن اسان مال ڪمائڻ ۾ چڱي نيت ڪيون ته اهوئي مال آخرت ۾ نجات جو ذريعو بڻجي ويندو.

هي   الله پاڪ جي  رستي  ۾   آهي

معجم صغير جي روايت آهي: هڪ ڏينهن صبح سوير حضور سيد عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم سان گڏ تشريف فرما هئا ته هڪ طاقتور ۽ مضبوط جسم وارو نوجوان روزگار جي لاءِ ويندي اتان کان لنگهيو، صحابه ڪرام ان کي ڏسي عرض ڪيو: ڪاش! هن جي جواني ۽ طاقت الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ٿئي ها. ان تي رحمت عالم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ايئن نه چئو! ڇوته جيڪڏهن هُو محنت ۽ ڪوشش انهيءَ لاءِ ڪري ٿو ته پاڻ کي سوال ڪرڻ کان بچائي ۽ ماڻهن کان بي پرواھ ٿي وڃي ته اهو يقيناً الله پاڪ جي راھ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجي ضعيف والدين ۽ ڪمزور اولاد جي لاءِ محنت ڪري ٿو ته تڏهن به اهو الله پاڪ جي راھ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن اهو فخر ڪرڻ ۽ مال جي واڌاري جي لاءِ ڀڄ ڊوڙ ڪري ٿو ته اهو شيطان جي راھ ۾ آهي.[1]

اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو، چڱي نيتن جا جيڪي اُخروي انعام ملندا، اهي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ضرور ملندا، ان سان گڏوگڏ چڱي نيت جو دنياوي فائدو هي آهي ته ان جي برڪت سان معاملا سڌري ويندا آهن، دل کي بي نيازي ملي ويندي آهي ۽ دنيا جو نفعو به نصيب ٿيندو آهي.


 

 



[1] معجم ِصغیر، صفحہ:648 ،حدیث:940 ملتقطاً