Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
ثواب ڪمائڻ جي لاءِ صله رحمي ڪندس، جيڪڏهن انهن جي طرفان تڪليف پهتي ته صبر ڪندي صله رحمي جاري رکندس.
اوهان پاڻ غور فرمايو: جيڪڏهن اسان پنهنجي ڀائرن، رشتيدارن وغيره سان ملڻ وقت هيءَ نيت ڪيون، پهريان کان ئي نيڪي ۽ الله پاڪ جي رضا ماڻڻ جو ذهن بڻائي وٺون ته ڇا هاڻي اسان جو ضمير گوارا ڪندو ته اسان انهن جي باري ۾ ڪو منفي پهلو سوچون، سامهون واري کان ويڙھ ڪيون، ان جي خلاف دل ۾ بغض ۽ حسد جون ڪيفيتون پاليون، نه....!!! اسان جو ضمير گوارا نه ڪندو.
خبر پئي، جيڪڏهن اسان چڱين نيتن جي عادت بڻائي وٺون ته ان جي برڪت سان اسان حسد، جلن، بغض، شماتت (يعني ڪنهن جي نقصان تي خوشي جو اظهار ڪرڻ)، فضول غمن ۽ پريشانين کان گهڻي حد تائين بچي وينداسين، لڙائي جهڳڙن کان به اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! حفاظت ٿيندي ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته معاشرو امن ۽ سلامتي جو گهوارو بڻجي ويندو،
اسان کي هن دنيا ۾ ڪيئي ڀلايون، ڪاميابيون ملنديون آهن پر هر چڱي نظر ايندڙ شيءِ، هر هڪ جي حق ۾ نعمت ئي هجي، هي ضروري ناهي، دنياوي ڪاميابي، مال، دولت، صحت، عهدو ۽ منصب زحمت به بڻجي ويندا آهن. ڏسو! فرعون بادشاھ هيو، ڇا هي بادشاهي ان جي حق ۾ نعمت هئي؟ نه....! قارون تمام وڏو مالدار هيو، جيترو مال ان وٽ هيو، شايد اڄ دنيا ۾ ڪنهن وٽ ايترو مال نه هجي پر ڇا هي مال ۽ دولت ان جي حق ۾ نعمت هئي؟ نه....!! هي ان جي حق ۾ زحمت هئي.