Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
پروش هن نيت سان ڪري ته منهنجو پٽ يا ڌيء قيامت جي ڏينهن منهنجي شفاعت ڪندا.[1]
اوهان هيءَ نيت ڪري ڏسو! اسان صحيح معنيٰ ۾ هي چڱي نيت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته هي نيت ٿيندي ئي مائنڊ سيٽ فوراً مثبت ٿي ويندو، ٻار جي محبت پهريان به دل ۾ آهي، هاڻي مزيد وڌي ويندي، ٻار جي متعلق جيڪي خواب ڏٺا آهن، ان جي مستقبل جي باري ۾ جيڪا پلاننگ ڪئي آهي، اها تمام مثبت ٿي ويندي
انهيءَ طرح چڱي نيت جي برڪت سان اسان ڪيئي پريشانين سان بچي سگهون ٿا، چڱي نيت جي برڪت سان اسان جو معاشرو امن ۽ سلامتي جو گهوارو به بڻجي سگهي ٿو، جڏهن به ڪنهن عزيز، رشتيدار يا دوست احباب سان ملاقات ڪرڻي هجي، ان ملاقات جي لاءِ به چڱيون چڱيون نيتون ڪيو! اِنْ شَآءَاللہُ الْکَرِیْم! لڙائي جهڳڙن کان گهڻي حد تائين محفوظ رهندا.
بدقسمتي کان اسان جي معاشري ۾ ايئن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو عزيز، رشتيدار پنهنجي خوشي ٻڌائيندو آهي ته اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جن جي چهري تي خوشي جا آثار هوندا آهن، زبان تي مبارڪباد هوندي آهي پر دل ۾ حسد جي باھ ٻري رهي هوندي آهي، يا جڏهن ڪو رشتيدار پنهنجي غم جي داستان ٻڌائيندو آهي ته سامهون واري جي چهري تي پريشاني، زبان تي تسلي هوندي آهي پر دل ۾ خوش ٿي رهي هوندي آهي ته چڱو ٿيو، مون سان فلاڻي وقت هيئن ڪيو هيائين، اڄ هن سان به ايئن ٿيو. هي انداز اسان وٽ عام ٿي ويو آهي.
جيڪڏهن اسان پنهنجي رشتيدارن سان ملندي وقت سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت وجهون، مثلاً اسان نيت ڪيون، الله پاڪ جي رضا ماڻڻ ۽