Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
ضروري آهن، انهن مان هڪ اهم ۽ بنيادي صفت هي آهي ته ٻانهو مثبت سوچ جو مالڪ هجي. منفي سوچ رکڻ وارو پهريان ته ڪامياب ٿيندو ئي ناهي. جيڪڏهن ان کي ڪاميابي ملي به وڃي ته اهو پنهنجي ڪاميابي کي سنڀالي ناهي سگهندو. انهيءَ ڪري مثبت سوچ هجڻ دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ بنيادي شرط آهي.
چڱي نيت جو اهم ترين فائدو هي آهي ته چڱين نيتن جي عادت جي برڪت سان مثبت سوچ نصيب ٿي ويندي آهي. چڱي نيت اصل ۾ آهي ڇا؟ چڱي نيت ڪنهن به ڪم سان مثبت وابستگي آهي. اسان ڪوبه ڪم ڪرڻ کان پهريان ان ڪم جو ڪو چڱو پهلو تلاش ڪندا آهيون، پوءِ ان چڱي پهلو کي ذهن ۾ آڻي، ان چڱي پهلو کي پنهنجو مقصد بڻائي ڪري اهو ڪم ڪندا آهيون اها ئي مثبت سوچ آهي.
مثال طور: هڪ ٻار آهي، اهوB.A / M.A / PHD وغيره ڪرڻ چاهي ٿو پر ان جا والدين ان کي درس نظامي (يعني عالم ڪورس) ۾ داخل ڪرائي ڇڏين ٿا، هاڻي اهڙي صورتحال ۾ عام طور تي ٻار والدين جي سامهون مجبور ٿي ڪري اهو ڪم ته ڪندا آهن پر ذهني طور تي باغي رهندا آهن، ٽائم پاس ڪندا آهن ۽ دل لڳائي ڪري پوري محنت ناهن ڪري سگهندا، جيڪڏهن اهو ٻار هڪ چڱي نيت ڪري ته مان پنهنجي والدين جي اطاعت ڪندي، انهن کي خوش ڪري الله پاڪ جي رضا جي لاءِ درس نظامي ڪيان ٿو. هي هڪ چڱي نيت ان کي مثبت بڻائي ڇڏيندي، هن جو سڄو مائنڊ سيٽ تبديل ٿي ويندو، هاڻي ان جي پڙهائي ۾ دل به لڳندي، شوق به پيدا ٿيندو ۽ اهو دل لڳائي ڪري محنت سان پڙهائي به ڪندو ۽ وقت جي بربادي کان به بچي ويندو.
انهيءَ طرح علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: والد صاحب کي گهرجي ته اولاد جي