Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

اولاد جي حفاظت جو  نرالو  انداز

حضرت سعيد بن مُسَيّب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پٽ کي فرمائيندا هئا: پٽ! مان توهان جي ڪري گهڻيون نمازون پڙهندو آهيان ته جيئن الله پاڪ انهن نمازن جي صدقي تنهنجي حفاظت فرمائي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! * اسان به پنهنجي اولاد جي حفاظت ڪندا آهيون. * انهن جي لاءِ فڪر مند رهندا آهيون. * ٻار پيدا ٿيندو آهي بلڪ ان جي پيدا ٿيڻ کان پهريان ئي ان جي روشن مستقبل جا خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهيون. * اسان جو ٻار محتاج نه ٿي. * ان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي نه رهي. هي وڏو انسان بڻجي. * ان کي ٻين جي ٽڪڙن تي نه رهڻو پئي. * ان جي لاءِ پلاننگ ڪندا آهيون. * اولاد ملڻ کان بعد انسان پهريان کان وڌيڪ ڪمائڻ شروع ڪندو آهي. سٺي ڳالھ آهي، اولاد جي لاءِ فڪرمند هجڻ گهرجي پر بزرگن جا انداز ڏسو ڪهڙا نرالا آهن....! ٻار آفتن، بلائن، مصيبتن، تنگدستن، محتاجين کان محفوظ رهي، الله پاڪ ٻار جي حفاظت فرمائي، هن مقصد جي لاءِ حضرت سعيد بن مُسيّب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نمازون وڌيڪ پڙهندا هئا. سُبْحٰنَ اللہ!  ڇا ته شان آهي.....!!

الله پاڪ اسان کي به توفيق نصيب فرمائي. * الله پاڪ اولاد جي نعمت سان نوازيو آهي، هاڻي 2 نفل وڌيڪ پڙهڻ شروع ڪيو. * صدقو ڪندا هيؤ ته هاڻي صدقي جي رقم وڌائي ڇڏيو. * 1 سيپارو تلاوتِ قرآن ڪندا هيؤ ته هاڻي ٻه ڪرڻ شروع ڪيو. * ٻار جي نالي جون نيڪيون ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن


 

 



[1] مجموع رسائل ابن رجب،جلد:3،صفحہ:100