Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

وَ اَمَّا الۡجِدَارُ فَکَانَ لِغُلٰمَیۡنِ یَتِیۡمَیۡنِ فِی الۡمَدِیۡنَۃِ  وَ کَانَ تَحۡتَہٗ کَنۡزٌ لَّہُمَا وَ کَانَ اَبُوۡہُمَا صَالِحًا ۚ   فَاَرَادَ  رَبُّکَ اَنۡ یَّبۡلُغَاۤ  اَشُدَّہُمَا وَ یَسۡتَخۡرِجَا کَنۡزَہُمَا ۖ   رَحۡمَۃً مِّنۡ رَّبِّکَ ۚ  (پارہ:16، سورۂ کہف:82)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ بهرحال ديوار (جو جيستائين تعلق آهي) ته اها شهر جي ٻن يتيم ڇوڪرن جي هئي ۽ ان ديوار جي هيٺان انهن ٻنهيء جو خزانو هو ۽ انهن جو پيءُ نيڪ ماڻهو هو سو تنهنجي ربّ چاهيو ته اهي ٻئي پنهنجي جواني کي پهچن ۽ پنهنجو خزانو ڪڍن (هي سڀ) تنهنجي ربّ جي رحمت سان آهي.

اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪيو! ڪهڙي ڪرم نوازي آهي، هڪ ديوار آهي، ان جي هيٺان يتيم ٻارن جو خزانو دفن آهي، الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت خضر عَلَيه السَّلَام کي موڪليو ته ان ديوار کي درست ڪن ته جيئن يتيم ٻارن جي خزاني کي نقصان نه پهچي، اُن تي هيءُ ڪرم ڇو ٿيو؟ انڪري جو

کَانَ اَبُوۡہُمَا صَالِحًا ۚ  (پارہ:16،سورۂ کہف:82)

ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جو پيءُ نيڪ ماڻهو هو.

 عالم سڳورا فرمائن ٿا؛ ان نيڪ شخص جو نالو ڪاشِح هيو ۽ هي انهن يتيم ٻارن جو اٺين يا ڏهين پشت ۾ والد هيو.[1]

 سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي نيڪ اعمال جي برڪت....!! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: انسان جي نيڪ هجڻ جي ڪري الله پاڪ سندس اولاد جي اولاد جي بهتري فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي نسل بلڪه ان جي پاڙيسرين جي به رعايت فرمائيندو آهي.[2]


 

 



[1] تفسیر صراطُ الجنان،پارہ:16 ،سورۂ کہف،زیرِ آیت:82 ،جلد:6،صفحہ:25۔

[2] تفسیرِ خازن،پارہ:16،سورۂ کہف،زیرِ آیت:82 ،جلد:3،صفحہ:174۔