Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

اي عاشقانِ رسول! هيءُ آهي نيڪ عمل جو دنياوي فائدو، اسان جيڪو به نيڪ عمل ڪيون ٿا اهو ڪڏهن ويساريو نه ويندو، نيڪي بُري وقت ۾ ڪم اچي ويندي آهي. انهيءَ ڪري اسان کي ڪثرت سان نيڪ اعمال ڪرڻ گهرجن.

آل، اولاد جي حفاظت

نيڪ اعمال جا ٻيا به کوڙ سارا دنياوي فائدا آهن، مثلاً * نيڪ اعمال جي برڪت سان دشمنن کان حفاظت ڪئي ويندي آهي. * نيڪ اعمال جي برڪت سان زمين ۽ آسمان جون برڪتون نصيب ٿينديون آهن. * نيڪ اعمال جي برڪت سان غربت ۽ محتاجي کان نجات ملندي آهي. * نيڪ اعمال جي برڪت سان عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي. * نيڪ اعمال جي برڪت سان قُوت ارادي مضبوط ٿيندي آهي. * نيڪ اعمال جي برڪت سان عزت وڌندي آهي. * الله پاڪ مخلوق جي دل ۾ نيڪ ٻانهي جي محبت وجهي ڇڏيندو آهي. * ۽ هڪ نهايت اهم فائدو هي آهي ته نيڪ اعمال جون برڪتون صرف نيڪيون ڪرڻ واري تائين محدود ناهن رهنديون بلڪه ان جي صدقي ۾ ان جي آل، اولاد کي به برڪتون نصيب ٿينديون آهن.

يتيمن جي خزاني جي حفاظت

  قرآنِ ڪريم ۾ حضرت موسيٰ ۽ حضرت خضر عَلَيهما السَّلَام جو واقعو موجود آهي، حضرت موسٰي ۽ حضرت خضر عَلَيهما السَّلَام ڪنهن وسندي کان گذري رهيا هئا، حضرت خضر عَلَيه السَّلَام هڪ ديوار ڏٺي جيڪا ڪِرڻ واري هئي، پاڻ ان ديوار کي سِڌو ڪري ڇڏيو. حضرت موسيٰ  عَلَيه السَّلَام جڏهن ان جي حڪمت پڇي ته فرمايائون: