Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday
گذري ويو، اِبن جُدعان واپس نه آيو ته پٽ سمجهي ويا ته سندن والد صاحب هاڻي زنده ناهي بچيو، اهو زمين جي هيٺ غار ۾ ڪٿي ڦاسي مري ويو آهي.
پٽ آسرو لاهي واپس موٽيا، واپس اچي پيءُ جي ملڪيت جي ونڊ ورڇ ڪرڻ لڳا، انهيءَ دوران انهن کي ياد آيو ته اِبن جُدعان هڪ ڏاچي پاڙيسري کي تحفي ۾ ڏني هئي، لالچي پٽ ڏاچي واپس وٺڻ جي لاءِ پاڙيسري جي گهر پهتا، جڏهن پاڙيسري سڄو واقعو ٻڌو ته ڏاچي انهن جي حوالي ڪري پاڻ پنهنجي مُحسن جي ڳولها ۾ نڪري پيو، جڏهن اهو پاڙيسري انهيءَ غار وٽ پهتو، جتي اِبن جُدعان غائب ٿي ويو هو ته اهو پنهنجي مُحسن جي مدد جي لاءِ غار اندر لٿو، اندر تمام گهڻي اونداھ هئي، گَپ به هئي، پوءِ به اهو اڳتي وڌندو ويو، اوچتو ان کي ڪنهن جي ساھ کڻڻ جو احساس ٿيو، اُن انداهي ۾ هٿ پير هنيا ته هي ڪو انساني بدن هيو، ان اِبن جُدعان کي آواز ڏني، اِبن جُدعان اڃا زندھ هيو، پاڙيسري پنهنجي مُحسن جي مدد ڪئي ۽ ان کي غار مان ڪڍي ڪري گهر آندو، گهر اچي ڪري ان پڇيو: اي اِبن جُدعان! تون اُن غار ۾ تقريباً هڪ هفتو بند رهين، ايترا ڏينهن تون بغير کائڻ پيئڻ جي زندھ ڪيئن رهين؟ اِبن جُدعان چيو: انڌيرو تمام گهڻو هيو، مون کي ڪجھ نظر ته نه آيو، البت روزانو منهنجي وات جي قريب کير جو هڪ پيالو ايندو هيو، مان ان کي پي وٺندو هيس، انهيءَ سهاري زندھ رهيس پر گذريل ٻن ڏينهن کان خبر ناهي ڇو اهو کير جو پيالو اچڻ بند ٿي ويو هيو. پاڙيسري چيو: مان سمجهي ويس، تو مونکي ڏاچي تحفي ۾ ڏني هئي، 2 ڏينهن پهريان تنهنجا پٽ اها ڏاچي مون کان واپس وٺي ويا. توهان جي ڏنل ڏاچي جو کير اسان غريب اُتي پيئندا هئاسين، ان جو بدلو توکي هِتي غار ۾ ملي رهيو هيو.
مجھے ایسے عمل کی دے توفیق کہ ہو راضی تری رضا یاربّ!([1])