Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

بايزيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون هي آواز ٻڌو ته  اَعُوْذُ بِاللہ پڙهيو، الله پاڪ کان پناھ طلب ڪئي ۽ ان طرف کان ڌيان هٽائي ڇڏيو پر رات جو جڏهن ستس ته خواب ۾ وري اهو ئي آواز آيو، مان اهو آواز ٻڌي ڏڪندي اٿي پيس، اڃا انهي آواز معتلق سوچي رهيو هيس ته مون کي سڄاڳي ۾ وري آواز آيو: اي بايزيد توهان کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، تنهنجو نالو فرمانبردار ٻانهن جي فهرست ۾ آهي، تون ڪافرن وارو لباس پاءِ ۽ ڪافرن جي اجتماع ۾ وڃ! ان ۾ هڪ راز آهي.

  حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هاڻي سمجهي چڪا هئا ته هي آواز شيطان جي طرف کان نه بلڪه رحمٰن جي طرف کان آهي، جيئن ته پاڻ صبح سوير اٿيا ڪافرن جهڙو لباس پاتو ۽ سمعان نالي شهر ۾ ڪافرن جي عبادت گاھ اچي پهتا، اُتي ان وقت ڪيئي ڪافر جمع هئا ۽ پنهنجي سڀني کان وڏي عالم جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڪجھ ئي دير ۾ انهن جو وڏو عالم اچي پهتو، سڀئي ان جي اردگرد جمعي ٿي ويا، ان وڏي عالم کي تقرير ڪرڻي هئي، سڀئي حاضرين متوجھ ٿيا پر هي ڇا، هن وڏي عالم تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي، سندس وات ۾ ڄڻ ته لغام لڳايو ويو آهي. ان جي اها حالت ڏسي ڪري ماڻهو چوڻ لڳا: اي سردار! اوهان تقرير شروع ڇو نٿا ڪيو؟ اسان توهان جي گفتگو ٻڌڻ جي لاءِ بيقرار آهيون، اهو وڏو عالم چوڻ لڳو: اڄ توهان جي هن اجتماع ۾ هڪ محمدي(يعني آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جو غلام به موجود آهي، اهو توهان جي دين جو امتحان وٺڻ آيو آهي.

پوءِ ان وڏي عالم بلند آواز ۾ چيو: اي محمدي! مان توکي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو واسطو ڏيان ٿو، جتي به آهين اٿي بيھ! حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اٿي بيٺا. هاڻي اهو وڏو عالم چوڻ لڳو: مان توکان ڪجھ سوال ڪندس، جيڪڏهن