Share this link via
Personality Websites!
سکي چڪي آهيان يا سکڻ جي ڪوشش ۾ آهيان ته ڇا اهو سکيل، ٻين کي سيکاري به رهي آهيان؟ جيڪڏهن ضمير ها ۾ جواب ڏي ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو! جيڪڏهن جواب نه ۾ اچي ته اڄ ئي کان قرآن ڪريم سکڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ شروع ڪري ڏيو!
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پياريون اسلامي ڀينرون! جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي تحت قرآن پاڪ جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي لاءِ هزارين مدرسة المدينه بالغات جي ترڪيب ٿيندي آهي. جنهن ۾ وڏي عمر جون اسلامي ڀينرون صحيح مَخارِج سان حُروف جي دُرُست اَدائيگي سان قرآنِ ڪريم سکنديون ۽ دُعائون ياد ڪنديون آهن، نمازون وغيرہ دُرُست ڪنديون ۽ سُنَّتن جي تعليم مُفْت حاصل ڪنديون آهن۔ اوهان به مدرسة المدينه (بالغان) ۾ پڙهڻ يا پڙهائڻ جي نيت ڪري دنيا ۽ آخرت جون کوڙ ڀلايون حاصل ڪيو.
جيڪو سکي سگهندو هجي ضرور سکي
حضرت عبدلله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: بلا شبه اهو قرآن ڪريم الله پاڪ جي طرفان دعوت آهي تنهنڪري جيڪو هن مان سکڻ جي ڪجهه طاقت رکي ٿو ان کي گهرجي ته هن مان ڪجهه سکي ڇوته ڀلائي کان خالي سڀ کان وڌيڪ اهو گهر آهي جنهن ۾ ڪتاب الله مان ڪجهه نه هجي اهو ان ويران گهر جيان آهي جنهن کي ڪو آباد ڪرڻ وارو نه هجي، بيشڪ شيطان ان گهر مان ڀڄي ويندو آهي جنهن ۾ سورت بقره جي تلاوت ٻڌندو آهي. [1]
تابعي بزرگ حضرت خالد بن مَعۡدان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: قرآن جي پڙهڻ ۽ ان جي سکڻ واري جي لاءِ سورت ختم ٿيڻ تائين ملائڪ استغفار ڪندا رهندا آهن انڪري جيڪڏهن توهان مان ڪو سورت پڙهي ته ان جون ٻه آيتون ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami