Share this link via
Personality Websites!
جي بي حساب بخشش ٿئي۔ اٰمِين بِجَاه خاتم النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اَصْلِ نَسْلِ صَفَا، وجہِ وَصْلِ خُدا بابِ فَضْلِ وِلایَت پہ لاکھوں سلام ([1])
وضاحت: حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه خالِص پاڪ سيدن جي پاڙ ۽ بنياد آهن، واصِل بِالله (يعني الله پاڪ جو مُقَرَّب) بڻجڻ جو سبب ۽ ولايت جون فضيلتون ملڻ جو دروازو آهن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي لکين سلام هجن۔
شانِ مرتضٰي ۾ 3 فرامينِ مصطفٰي
مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان نهايت بلند آهي، سندن فضائل آسمانن جي تارن ۽ واري جي ذرڙن وانگر بيحد ۽ بيشمار آهن: (1) پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:
مَنْ ڪُنْتُ مَوْلَاهُ فَعَلِيٌ مَوْلَاهُ يعني جنهن جو مان موليٰ آهيان، ان جو علي موليٰ آهي۔ پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا گھري: اَللّٰهُمَّ وَالِ مَنْ وَالَاهُ وَ عَادِمَنْ عَادَاهُ يعني اي الله پاڪ! جيڪو علي سان محبت ڪري، تون ان سان محبت فرماءِ ۽ جيڪو علي سان دشمني رکي، تون ان سان دُشمني فرماءِ۔([2])
جس کسی کا میں ہوں مولیٰ، اس کے مولیٰ ہیں علی ہے یہ قولِ مصطفےٰ مولیٰ علی مشکل کُشا([3])
(2) حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلنَّظْرُ اِلیٰ وَجْہِ عَلِیٍّ عِبَادَۃٌ يعني علي جي چهري کي ڏسڻ عبادت آهي۔([4])
(1) مُسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي ۽ ان جا راوِي (يعني حديث بيان ڪرڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami