Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
اهڙي طلاق ڏني جنهن ۾ ڪڏهن رجعت(يعني ٻيهر صلح جي راهه) ناهي. پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: شهزادهءِ حضور! ڇا هن قول کا بعد به ساداتِ ڪرام جو غربت ۽ افلاس ۾ مبتلا ٿيڻ تعجب جي ڳالهه نه آهي؟ سيد سڳوري چيو: وَاللّٰہ (الله جو قسم)! اوهان جي هنن ڳالهين مون کي دلي سڪون پهچائي ڇڏيو آهي، ان کان پوءِ شهزادي ڪڏهن به پنهنجي غربت جي شڪايت نه ڪئي. ([1])
حِرْصِ دُنیا نکال دے دِل سے بس رہوں طالِبِ رِضا یارَبّ!
ہائے حُسْنِ عَمَل نہیں پلّے حشر میں میرا ہو گا کیا یارَبّ!
خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یارَبّ!
دِل کا اُجْڑا چمن ہو پھر آباد کوئی ایسی ہَوَا چلا یارَبّ!([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ سکڻ جون ڪيئي ڳالهيون آهن مثال طور؛ سيدي اعلٰي حضرت، امام اهلسنت مولانا شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سمجهائڻ جو دلنشين انداز ڏسو! هڪ سيد صاحب پنهنجي غربت جي شڪايت ڪندو هو، اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪهڙي نه ڪمال حڪمت عملي سان انهن کي سمجهايو جو سيد زادي جو ادب به ذهن ۾ رهيو ۽ انهن کي سمجهائي به ائين ڇڏيو جو انهن جي دل ۾ ڳالهه ويهي رهي ۽ غم پري ٿي ويو.
اسان کي به گهرجي ته اسان نيڪي جي دعوت حڪمتِ عملي سان ڏيندا ڪيون، ڪڏهن، ڪاٿي، ڇا ڳالهائڻو آهي؟ ڪنهن کي ڪهڙي انداز ۾ سمجهائڻو آهي؟ ان تي غور به ڪيو ۽ اهي ڳالهيون سکندا به ڪيو. شيخِ