Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

کُلُوۡا وَ اشۡرَبُوۡا وَ لَا  تُسۡرِفُوۡا ۚ       اِنَّہٗ لَا  یُحِبُّ الۡمُسۡرِفِیۡنَ (۳۱(سيپارو: 8، سورة اعراف: 31)

ترجمو ڪنزالعرفان: کائو ۽ پيئو ۽ حد کان نه وڌو بيشڪ هو حد کان وڌڻ وارن کي پسند ناهي فرمائيندو.

   اهڙيءَ طرح سيپارو: 8، سورت انعام، آيت: 141 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ لَا تُسۡرِفُوۡا ؕ     اِنَّہٗ لَا یُحِبُّ الۡمُسۡرِفِیۡنَ (۱۴۱)ۙ        (سيپارو: 8، سورة انعام، آيت: 141)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ فضول خرچي نه ڪيو بيشڪ هو فضول خرچي ڪرڻ وارن کي پسند ناهي ڪندو.

 اهڙيءَ طرح سيپارو: 15، سورت بني اسرائيل، آيت: 26 ۽ 27 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَا  تُبَذِّرۡ  تَبۡذِیۡرًا (۲۶)   اِنَّ الۡمُبَذِّرِیۡنَ کَانُوۡۤا اِخۡوَانَ الشَّیٰطِیۡنِ ؕ       وَ کَانَ الشَّیۡطٰنُ لِرَبِّہٖ کَفُوۡرًا (۲۷

(سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل، آيت: 26 _27)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اجايو خرچ نه ڪيو بيشڪ اجايو خرچ ڪرڻ وارا شيطانن جا ڀائر آهن ۽ شيطان پنهنجي ربّ جو وڏو ناشڪرو آهي.

 الله اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙي چوٽ ڪرڻ واري ڳالھ آهي، جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي ڏنل نعمتن کي ضايع ڪندا آهن، کائڻ، پيئڻ، پائڻ وغيره شين کي، مال ۽ دولت کي اجايو وڃائيندا آهن، الله پاڪ فرمايو: اهي شيطان جا ڀائرَ آهن ۽ شيطان ڪير آهي؟ سڀ کان وڏو ڪافر، سڀ کان وڏو ناشڪرو، سڀ کان ذليل ترين ڇوته ان الله پاڪ جي نافرماني ڪئي ۽ هميشه جي لاءِ مردود ٿي ويو.

   هن مان اندازو لڳايو ته فضول خرچ ڪرڻ وارو ڪيترو بُرو انسان آهي جو