Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
عمامي سان ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي ـ[1]
اي عاشقانِ رسول! عمامو شريف ٻڌڻ سنّتِ مصطفٰي آهي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه سَرِ اقدس تي ٽوپي مبارڪ تي عمامو سجائي ڪري رکيو. سفر ۽ حضر ۾ به سرِ اقدس تي عمامو شريف سجائي رکندا هئا. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عمامي ۾ شملو ڇڏيندا هئا جيڪو ڪڏهن هڪ ڪلهي تي، ڪڏهن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ هوندو هو. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختلف موقعن تي مختلف رنگ جو عمامو شريف استعمال فرمائيندا هئا.
عمامو ٻڌڻ جي فضائل ۽ ان جي باري ۾ تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب عمامي جا فضائل جو مطالعو ڪيو! مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.
لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو سیکھنے سُنتیں قافلے میں چلو
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد