Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

نپوڙي ورتو، ته جيئن ڪو فائدي مند جُز ضايع نه ٿي وڃي.[1]

اهڙيءَ طرح جي احتياط جو هڪ ٻيو به واقعو آهي ته دعوتِ اسلامي جو ابتدائي دور هو اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪنهن هوٽل ۾ چانھ پيئڻ جي لاءِ تشريف وٺي ويا. چانھ پيئڻ کان بعد پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪپ ۾ پاڻي وڌو ۽ اَگهاري ڪري پي ڇڏيو. ڀرسان ويٺل نوجوانن مان هڪ طنز ڪندي آواز ڏنو مولانا اڃان چانھ پيئندي گهرائي وٺان. ان جملي جي جواب ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ شفقت ڀري انداز ۾ نظر کڻي ڪري ان ڏي ڏٺو ۽ مُسڪرايو. ويجهو وڃي ڪري مصافحو فرمايو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندي ڪجھ هيئن ارشاد فرمايو: مونکي وڌيڪ چانھ جي حاجت ناهي. البت مون ڪپ ۾ پاڻي وجهي ڪري ان ڪري پيتو ته جيئن رزق جو ڪو ذرو ضايع نه ٿئي، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ وڌيڪ نيڪي جي دعوت ڏيندي ارشاد فرمايو: اهڙيون پياريون پياريون ڳالهيون دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀَري اجتماع ۾ هر جمعرات جو بعد نمازِ مغرب ٻڌايون وينديون آهن. اسان به اتي ويندا آهيون. توهان کي گذارش آهي ته توهان به جامع مسجد گلزارِ حبيب (سولجر بازار ڪراچي) ۾ ٿيڻ واري دعوتِ اسلامي جي هفيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ ضرور شرڪت ڪيو.[2]

   پيارا اسلامي ڀائرو! جتي اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي تحمل مزاجي (قوت برداشت) ۽ حسنِ اخلاق جي خبر پئجي ٿي، اتي هي به معلوم ٿي ٿو ته اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ رزق جو ڪيترو قدر فرمائن ٿا ۽ ان جو معمولي ذرو به ضايع نه ٿا ٿيڻ ڏين. سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جون احتياطون ڏسي ڪري نيڪ بزرگن جي ياد تازا ٿي ويندي آهي.

ہیں شریعت و طریقت کی حسین تصویر جو                                            زہد و تقویٰ کے نظارے حضرتِ عطار ہیں


 

 



[1] تنگدستی کے اسباب اور ان کا حل، صفحہ:24۔

[2] پیکرِ شرم و حیا (تذکرۂ امیرِ اہلسنت ،قسط:7)،صفحہ:3۔