Share this link via
Personality Websites!
حسد، تڪبر، دنيا جي محبت، حرص ۽ بخل وغيره کان نفس کي پاڪ ڪرڻ نهايت فضيلت وارو ڪم آهي. قرآن ۾ آهي:
جَنّٰتُ عَدۡنٍ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا ؕ وَ ذٰلِکَ جَزٰٓؤُا مَنۡ تَزَکّٰی (۷۶) (سيپارو: 16، سورة طه: 76)
ترجمو ڪنزالعرفان: هميشه رهڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، هميشه ان ۾ رهندا ۽ هي انعام آهي ان جو جيڪو پاڪ ٿيو.
الله! الله! معلوم ٿيو: جيڪو ايمان ۽ نيڪ اعمال جي ذريعي نفس کي پاڪ صاف ڪري، سُٺن اخلاقن، سُٺين عادتن جو عادي بڻائي ان جي لاءِ جنّت جا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون.
عبادت میں گزرے مری زندگانی کرم ہو کرم یا خُدا یاالٰہی!
تزڪيهءِ نفس بعثت جو بنيادي مقصد آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ۾ تشريف وٺي آيا، سندن تشريف وٺي اچڻ جي بنيادي مقصدن مان هڪ مقصد تزڪيهءِ نفس به آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
کَمَاۤ اَرۡسَلۡنَا فِیۡکُمۡ رَسُوۡلًا مِّنۡکُمۡ یَتۡلُوۡا عَلَیۡکُمۡ اٰیٰتِنَا وَ یُزَکِّیۡکُمۡ (سيپارو: سورة بقرة: 151)
ترجموڪنزالعرفان: جيئن ته اسان توهان جي وچ ۾ توهان مان هڪ رسول موڪليو جيڪو توهان تي اسان جون آيتون تلاوت فرمائيندو آهي، ۽ توهان کي پاڪ ڪندو.
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جسماني، روحاني خيالن وغيره جي مڪمل پاڪي کي تزڪيهءِ نفس
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami