Share this link via
Personality Websites!
شرعي مجبوري جي رمضانُ المبارڪ جا پهريان ته روزا ناهن رکندا، هي ڪبيره گناھ، حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، پوءِ هڪ ته چوري ٻيو سينه زوري ايئن ڪندا آهن جو * روزيدارن جي سامهون ئي کائيندا پيئندا آهن * سگريٽ جا سوٽا هڻي رهيا هوندا آهن * پان چٻاڙي رهيا هوندا آهن * ايستائين جو ڪجھ ته اهڙا بي شرم آهن جو سري عام پاڻي پيئندا بلڪه کاڌو کائيندي به ناهن شرمائيندا. الله پاڪ اسان کي رمضانُ المبارڪ جي بي قدري کان محفوظ فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
ياد رکو! رمضان مهيني جا ٻه چار يا ڏھ نه بلڪه پوري مهيني جا روزا رکڻ هر مسلمان عاقل ۽ بالغ تي فرض آهن. قرآنِ ڪريم ۾ آهي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُتِبَ عَلَیۡکُمُ الصِّیَامُ کَمَا کُتِبَ عَلَی الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَتَّقُوۡنَ (۱۸۳)ۙ
(سيپارو: 2، سورة بقرة: 183)
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا جيئن توهان کا اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا.
ڏسو! هن آيت ۾ صاف صاف فرمايو ويو ته توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن لهٰذا شرعي مجبوري جي بغير رمضانُ المبارڪ جو هڪ به روزو ڇڏي ڏيڻ گناھِ ڪبيره [1] ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. کِتَابُ الکبائِر ۾ آهي جيڪو شخص بنا ڪنهن مرض ۽ عُذر جي ماھِ رمضان جا روزا ڇڏي ڏي اهو زناڪار،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami