Share this link via
Personality Websites!
ويو ۽ مان ان کي سڃاڻي نه سگهيس.[1]
هي آهي تزڪيهءِ نفس جو سڀني کان موثر طريقو...!! نفس جي خواهشن کان رڪجي وڃو. جيڪڏهن اسان هي ڪنداسين ته ڇا ملندو؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ وَ نَہَی النَّفۡسَ عَنِ الۡہَوٰی (ۙ۴۰) فَاِنَّ الۡجَنَّۃَ ہِیَ الۡمَاۡوٰی (ؕ۴۱)
(سيپارو: 30، سورة نازعات: 40_ 41)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ رهيو اهو جيڪو پنهنجي ربّ جي حضور بيهڻ کان ڊنو ۽ نفس کي خواهشن کان روڪيو ته جنّت ئي ان جو ٺڪاڻو آهي.
هي 2 ڳالهيون آهن: (1): ٻانهو الله پاڪ جي حضور حاضر ٿيڻ کان ڊڄندو آهي، اهو خوف ان کي دل ئي دل ۾ تڙپائيندو رهندو آهي ته هاءِ! هن ڏينهن مرڻو آهي، اونداهي قبر ۾ لهڻو آهي، پوءِ قيامت جي ڏينهن اٿڻو به آهي، هاءِ! ميدانِ محشر... اها ٽامي جي ٽهڪندڙ زمين... باھ وَسائيندڙ سج.... قهر سامهون هوندو، اعمال نامه کُلي رهيا هوندا، ان حالت ۾ الله پاڪ جي حضور حاضري ٿيندي، منهنجي زندگي جو هڪ هڪ عمل سامهون هوندو، ان وقت منهنجو ڇا ٿيندو؟ اهو خوف تڙپائي رهيو آهي (2): ۽ ٻي ڳالھ: ماڻهو پنهنجي نفس کي خواهشن کان روڪيندو رهي. هي ٻه ڪم ڪنداسين ته ڇا ملندو؟ الله پاڪ فرمايو:
فَاِنَّ الۡجَنَّۃَ ہِیَ الۡمَاۡوٰی (ؕ۴۱) (سيپارو: 30، سورة نازعات: 41)
ترجموڪنزالعرفان: ته جنّت ئي ان جو ٺڪاڻو آهي.
جنّت ملندي. واھ...!! ڪيڏي زبردست فضيلت آهي...!! اسان کي ڪجھ هزار روپيا ڪمائڻا هجن ته سڄو ڏينهن محنت ڪندا آهيون، ڪم، ڪم، بَس ڪم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami