Behtreen Khatakar Kon

Book Name:Behtreen Khatakar Kon

ڇڏيان، البت اڄ اسان ٻڪري ذبح ڪئي هئي، ان جو سڄو گوشت ختم ٿي چڪو آهي، مُنڍي باقي آهي، اها وٺڻ چاهيو ته وٺو، حبيب عجمي (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه) ٻڪري جي مُنڍي ورتي ۽ گهر موٽي آيا، گهرواري کي چيائين: هن کي پچاءِ! گهرواري چيو: گهر ۾ نه ڪاٺيون آهن، نه ٻيو راشن، جيئن ته پاڻ ڪاٺيون وغيره به قرضدارن جي ئي گهران کڻي آيا، گهر واري ديڳڙي چاڙهي، اڃان کاڌو تيار به نه ٿيو هو ته هڪ پينو (سوالي) اچي پهتو، حبيب عجمي (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه) ان کي به دڙڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، کاڌو تيار ٿي چڪو هو، پاڻ کائڻ جي لاءِ ويٺا پر جيئن گهرواريءَ ديڳڙي کولي ته ان ۾ ٻڪري جي مُنڍي جي جڳھ رت ئي رت ڀريل هو، گهرواري پڪاري ڪري چيو: ڏس تنهنجي ڪنجوسي جو نتيجو...!! ديڳڙي رت سان ڀري پئي آهي.

   ديڳڙيءَ جو ائين رت سان تبديل ٿي وڃڻ ڄڻ قدرت جي هڪ آگاهي هئي، جنهن کي حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سنجيده ورتو ۽ فوراً ئي تمام گناھَ ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪري ورتو، هاڻي حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه گهر کان ٻاهر نڪتا، گهٽيءَ مان گذري رهيا هئا ته اتي راند کيڏيندڙ ٻارن هڪٻئي کي چيو: پري ٿي وڃو! حبيب وياج خور اچي رهيو آهي، ڪٿي ان جي پيرن جي ڌوڙ اسان تي پئجي وئي ته اسان به بدبخت ٿي وينداسين.

   هيءَ ٻي چوٽ هئي، هاڻي ته حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل بلڪل نرم ٿي وئي، پاڻ فوراً حضرت امام حَسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ سڀني گناھن کان سچي توبھ ڪري ورتي.

   توبھ کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه واپس گهر موٽي رهيا هئا ته ڏٺائون اهي ئي ٻار گهٽيءَ ۾ کيڏي رهيا هئا، هاڻي انهن ٻارن کين ڏسي هڪٻئي کي چوڻ لڳا: هاڻي حبيب توبھ ڪري چڪو، پري ٿي وڃو، جيڪڏهن اسان جي پيرن جي