Behtreen Khatakar Kon

Book Name:Behtreen Khatakar Kon

تائين ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن.[1] (2): جيڪو ثواب جي اميد تي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪري ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو.[2]

اي عاشقانِ رسول! بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي بلڪه سنّتِ انبيا آهي * نبين جي نبي رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ ڪريمه هئي ته ڪنهن به صحابي (رَضِىَ اللهُ عَنْه) جي بيمار ٿيڻ جو اطلاع ملندو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا * جيڪڏهن ڪو شخص 3 ڏينهن مسجد کان غائب رهندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي مُتعلق ماڻهن کان پڇندا هئا، جيڪڏهن اهو بيمار هوندو هو ته ان جي عيادت فرمائيندا هئا[3] * ۽ عيادت جي لاءِ جيڪڏهن مديني پاڪ کان آخري ڪناري تائين به وڃڻو پوندو هو ته تشريف وٺي ويندا هئا ۽ پنهنجي صحابه (رَضِىَ اللهُ عَنْهم) جي عيادت فرمائيندا هئا[4] * مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه مان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر امير ۽ غريب جي گهر بيمار پُرسي جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا[5] * حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ ڪريمه هيءَ هئي ته جڏهن ڪنهن بيمار جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا ته هي فرمائيندا هئا: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ (يعني: ڪا حرج جي ڳالھ ناهي الله پاڪ چاهيو ته هي مرض (گناھن) کان پاڪ ڪرڻ وارو آهي) هڪ ڳوٺاڻي جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويا ته اهو ئي فرمايائون: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ[6]

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3


 

 



[1] شعب الايمان، مریض کی عیادت کا باب،جلد:6، صفحہ:531،حديث:9171۔

[2] ابو داؤد ،کتاب:جنائز ، باب :وضو میں عیادت کی فضیلت، صفحہ: 500، حدیث:3097۔   

[3] مسند ابی یعلی،  جلد:3، صفحہ: 141، حدیث: 3429۔

[4] مسلم،كتاب: جنائز، مریض کی عیادت کا باب ،صفحہ:331، حدیث:925خلاصۃً۔

[5] مرآۃ المناجیح، جلد: 2، صفحہ:407۔

[6] بُخاری،کتاب: المناقب، صفحہ:919، حدیث:3616 ۔