Behtreen Khatakar Kon

Book Name:Behtreen Khatakar Kon

رهيو هو: سائين! هڪ دفعو ملاقات جو وقت عطا ڪيو![1]

 * ائين ئي حضرت بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه: توبھ کان پهريان شرابي هئا، ٻارَ به کيس شرابي چئي سڏيندا  هئا، سندن ملڻ جو هڪ ئي ٺڪاڻو هو ۽ اهو هو: شراب خانو. اسان سڀني کي خبر آهي ته شرابين، نشو ڪرڻ وارن کي اڄ ڪلھ اسان جي معاشري ۾ ڪيتري عزّت ڏني ويندي آهي...! ته اُن دور ۾ جڏهن نيڪي غالب هئي، ان وقت شرابين کي ڪهڙين نگاهن سان ڏٺو ويندو هوندو پر الله ڪريم جي رحمت تي قربان وڃو! حضرت بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه توبھ ڪئي، نيڪ رستي جا مسافر بڻيا ته ربِّ ڪائنات اهڙي عزّت سان نوازيو جو جنهن رستي کان گذرندا هئا، جانور به ان رستي جو ادب ڪارڻ اُتي گندگي نه ڪندا هئا.

   هي آهي عزّت جو ٻيهر مِلڻ، اسان درست رستو اختيار ڪري ته ڏسون، عزّت مِلندي آهي، اسان وٽ ماڻهو سمجهندا آهن * عزّت پيسن سان مِلندي آهي * عزّت منصب ۽ عهدن سان ملندي آهي * سوٽ بوٽ سان مِلندي آهي * ٻانهي وٽ مهانگي گاڏي هجي * مهانگو موبائل هٿ ۾هجي * هزارين روپين جا ڪپڙا هجن * عاليشان بنگلن ۾ رهندو هجي ته عزّت ملندي آهي پر ائين ناهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ الۡعِـزَّۃَ  فَلِلّٰہِ  الۡعِـزَّۃُ جَمِیۡعًا ؕ      (سيپارو: 22، سورة فاطر: آيت: 10)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪو عزّت جو طلبگار هجي ته سڄي عزّت الله ئي وٽ آهي.

سموري عزّت الله پاڪ وٽ آهي، عزّت ۽ ذلت جو مالڪ ربِّ ڪائنات آهي، ان جي دروازي تي اچو، اتي مٿو جهڪايو، گناھن کان توبھ ڪيو، پنهنجي مالِڪِ


 

 



[1] تَذْکِرَةُ الْاَوْلِیاء،نمیمہ اول،ذکرفضیل عیاض رَحمۃُ اللہ علیہ  ،صفحہ:78ماخوذًا۔