Behtreen Khatakar Kon

Book Name:Behtreen Khatakar Kon

ڪندا هئا، گهٽيءَ جا ٻار به کائنس نفرت ڪندا هئا، کين ڏسي ڪري پري ڀڄي ويندا هئا ته ڪٿي انهن جي پيرن جي ڌوڙ اسان تي نه پئجي وڃي، جو اسان به بدبخت ٿي وڃون پر جيئن پاڻ توبھ ڪئي، الله پاڪ جي حضور مٿو جهڪايو، الله ڪريم سان تعلق جوڙيو ته ڪجھ ئي دير کان بعد اهي ئي ٻارَ چئي رهيا هئا: پري ٿي وڃو! حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي رستو ڏيو، ڪٿي اسان جي پيرن جي ڌوڙ انهن تي پئجي وئي ته اسان گنھگار ٿي وينداسين.

   خبر پئي عزّت ٻيهر مِلي ويندي آهي، شرط صرف هڪ آهي: ماڻهو رستو دُرست اختيار ڪري. اولياءِ ڪرام جي سيرت پڙهي ڪري ڏسو! هزارين اولياءِ ڪرام آهن جيڪي توبھ کان پهريان گناھن ۾ مشغول هئا، معاشري ۾ انهن کي بُري نظر سان ڏٺو ويندو هو، ماڻهون انهن کان نفرت ڪندا هئا پر جيئن ئي انهن توبھ ڪئي، نيڪ رستي جا راهي بڻيا، عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف ٿيا ته اهي ئي ماڻهو جيڪي پهريان نفرت ڪندا هئا، سندن استعمال ڪيل شين مان برڪت حاصل ڪرڻ لڳا * حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه توبھ کان پهريان ڌاڙيل هئا، هيءَ ڪا ڪهاڻي ناهي، واقعي حقيقت آهي ته رات جو ڪنهن عورت جو ٻار نه سمهندو هو ته مائرون چونديون هيون: پٽَ! سمهي رھ! نه ته فضيل ڌاڙيل اچي کڻي ويندي.[1] جنهن رستي کان پاڻ گذرندا هئا، ماڻهو خوف سبب ان رستي کان گذرڻ ڇڏي ڏيندا هئا پر جڏهن پاڻ توبھ ڪيائون، جن جو مال ڦريو هيو، واپس ڪيائون، سمورا حقوق ادا ڪيا، الله پاڪ جي عبادت ۾، نيڪ ڪمن ۾ مصروف ٿيا ته اهي ئي حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هئا جو وقت جو بادشاھ به سندن دروازي تي بيٺو هو ۽ نهايت عاجزي سان عرض ڪري


 

 



[1] اولیا رِجال الحدیث، فضیل بن عیاض، صفحہ:184بتغیر قلیل۔