Book Name:Muhaddis e Azam
۾ واجب آهي، جيتوڻيڪ نماز ۾ هجي يا نه، اڪيلو هجي يا ڪنهن جي سامهون، ڪنهن صحيح ضرورت کان علاوه اڪيلائي ۾ به ايترو بدن کولڻ جائز نه آهي ۽ ماڻهن جي سامهون يا نماز ۾ ان بدن جي حصي کي لِڪائڻ بالۡاِجۡماع فرض آهي.[1]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله ُعَلٰي مُحَمَّد
وليءَ جي زيارت دل جي دنيا بَدلائي ڇڏي
پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ابتدائي تعليم دِيال ڳڙھ ۾ ئي حاصل ڪئي، ميٽرڪ کان بعد وڌيڪ تعليم جي لاءِ مرڪزُالاولياء لاهور تشريف وٺي آيا ۽ انٽرميڊيٽ ۾ داخلا ورتائون، انهيءَ دوران جامع مسجد وزير خان ۾ هڪ جلسو مُنعقد ٿيو: جنهن ۾ اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا شهزاده حُجَّةُ الاسلام مولانا مفتي حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه رونق افروز هئا، بي چين پروانن جيان چڪر لڳائي رهيا هئا، انهيءَ هجوم ۾ حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به حُجَّةُ الاسلام مولانا مفتي حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نوراني چهري جي زيارت ڪئي ۽ هٿ چمڻ جي سعادت حاصل ڪئي. ان هڪ ملاقات اهڙو اثر ڪيو جو دل جي دنيا ئي بدلجي وئي، جيئن ته جلسي جي اختتام تي حُجَّةُ الاسلام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي رهائش گاھ تي پهتا ۽ عرض ڪيائون: مون کي هاڻي ايف اي (F.A) ڪرڻ جو شوق ناهي مان اوهان سان گڏ هلڻ چاهيان ٿو ته جيئن اهو علم حاصل ڪري سگهان جنهن جا اوهان نُمائيندا آهيو. ڪامل ولي حضرت حُجَّةُ الاسلام مولانا مفتي حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن ڇوڪري جي پيشاني تي سعادت جا چمڪندڙ آثار ڏٺا ته سڃاڻي ورتائون ته هي نوجوان اهلِ سنّت جو عظيم رهبر ٿيندو. لهٰذا شفقت فرمائيندي